Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

پيارا اسلامي ڀائرو ! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊپارٽمنٽ موبائِل ايپليڪيشن به جاري ڪئي آهي، هن جو نالو آهي: مدني قاعِده (Madani Qaida)۔ هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعِدو ۽ ان جو آڊيو (Audio) شامِل ڪيو ويو آهي يعني هن ايپليڪيشن ۾ اوهان مدني قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندؤ، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آساني سان مدني قاعِدو پڙهي، هن جي مشق (Practice) ڪري دُرُست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگھجي ٿي۔ اها ايپليڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪريو، پاڻ به فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب !                                                             صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

   پيارا اسلامي ڀائرو !  بيان کي اختتام ڏي آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا !                            جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

عيادت ڪرڻ جا مدني گل !

 عيادت ڪرڻ رسول پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مُبارَڪ سنّت آهي، اچو ! ان باري ۾ ڪجھ مَدَني گل ٻڌو۔  * 2 فرمانِ مصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ : (1) عُوْدُوا الْمَرِيضَ يعني مريض جي عِيادت ڪريو ([2]) (2) جنهن به سٺي طريقي سان وُضُو


 

 



[1] ...تاریخ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2] الادب المفرد، ص۱۳۷، حديث۵۱۸