Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

عطا کر دو مجھے اسلام کی تبلیغ کا جذبہ

مَیں بس دیتا پھروں نیکی کی دعوت یارسولَ اللہ !

مجھے تم مسلکِ احمد رضا پر استقامت دو

بنوں خدمت گزارِ اَہْلِ سُنّت یارسولَ اللہ !

  اي عاشقانِ رسول ! يادرکو ! مردن جي لاءِ سون جي منڊي، لاڪٽ، ڪڙو ۽ ڇلو وغيره پائڻ جائز ناهي. & اڄڪلھ اسان وٽ ڪجھ  ماڻهو شوق سان سون يا ٻيون مختلف ڌات جون منڊيون، ڇلا وغيره پائندا آهن، هي ناجائز، حرام ۽ جهنم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. ([1]) &  مرد جي لاءِ اها ئي منڊي  جائز آهي جيڪا مردن جي منڊي جيان هجي يعني صرف هڪ نَگ (Stones)واري هجي ۽ جيڪڏهن اُن ۾(هڪ کان وڌيڪ يا) ڪيترائي نَگ هجن ته جيتوڻيڪ اها چاندي ئي جي هجي، مرد لاءِ جائز ناهي. &  چاندي(Silver) جي هڪ نگيني واري جيڪا وزن ۾ ساڍا چار ماشا کان گهٽ هجي پائڻ جائز آهي. &  عورت سون چاندي جون جيتريون به منڊيون ۽ ڇلا پائڻ چاهي ته پائي سگهي ٿي، هن ۾ وزن ۽ نگيني جي تعداد جي ڪا قيد ناهي. لوھ جي منڊي تي چاندي جو پاڻي چڙهايو جو لوھ بلڪل به نظر نٿو اچي، ان منڊي جو پائڻ (مرد ۽ عورت مان ڪنهن کي به) منع ناهي. ([2])  

سيّد سڳوري کي سمجهائڻ جو انداز

هڪ سيّد صاحب تنگدستي ۾ مبتلا هو، اهو سيدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سان اڪثر ملڻ لاءِ ايندو هو ۽ ڳالهين ڳالهين ۾ پنهنجي تنگدستي ۽ غُربت جي شڪايت به ڪندو هو. هڪ ڏينهن اهو سيّد صاحب تشريف کڻي آيو ته تمام گهڻو پريشان هو.


 

 



[1] بہارِشریعت ،جلد:3 ،صفحہ :426 -428 ،حصہ:16 ملتقطاً

[2] 550سنتیں اور آداب، صفحہ:57-58ملتقطاً