Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

جيڪو ڪم ڪار ڇڏي، وقت ڪڍي مسجد ۾ ايندو آهي، نماز پڙهندو آهي پر آهسته آهسته اطمينان سان ناهي پڙهندو، رڪوع ۽ سجود پورا ناهي ڪندو. هاڻي ٿورو غور ڪيو ! اهي نادان جيڪي دنيا ئي ۾ مشغول رهندا آهن، رڪوع ۽ سجود پورا ڪرڻ ته رهيو پري بلڪل مسجد ئي ۾ ناهن ايندا، نماز پڙهندا ئي ناهن، پنهنجي ربَّ ڪريم جي بارگاھ ۾ مٿو جهڪائيندا ئي ناهن، هن کان وڌيڪ انهن جي بدبختي جو ٻيو ڇا عالم هوندو... ! ! !

سيپاري 16 سوره مريم، آيت: 59 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو.

فَخَلَفَ مِنۡۢ بَعۡدِہِمۡ خَلۡفٌ اَضَاعُوا الصَّلٰوۃَ وَ اتَّبَعُوا الشَّہَوٰتِ فَسَوۡفَ یَلۡقَوۡنَ  غَیًّا (ۙ۵۹(پارہ:16 ،سورۂ مریم:59)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ انهن جي پٺيان انهن جي جاءِ تي اُهي نالائق ماڻهو آيا جن نمازون ضايع ڪيون ۽  پنهنجي خواهشن جي پٺيان لڳا سو عنقريب اهي جهنم جي خوفناڪ وادي غيّ سان وڃي ملندا.

معلوم ٿيو: بي نمازي غَيّ جو حقدار آهي، غَيّ ڇا آهي؟ اعليٰ حضرت جو خليفو، مفتي امجد علي اعظمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡههن جي وضاحت ڪندي فرمائي ٿو: غَيّ جهنم ۾ هڪ وادي آهي، جنهن جي گرمي ۽ گهرائي سڀ کان وڌيڪ آهي، هن ۾ هڪ کوھ آهي، جنهن کي هَب هَب چوندا آهن. جڏهن جهنم جي باھ وسامڻ لڳندي آهي ته الله پاڪ ان کوھ  کي کولي ڇڏيندو آهي، جنهن سان جهنم جي باھ پهريان وانگر ڀڙڪڻ لڳندي آهي، هي کوھ بي نمازين، زانين، شرابين، وياج خورن ۽ والدين کي ستائڻ وارن جي لاءِ آهي.[1]

پڑھتے رہو نماز تو جنّت کو پاؤ گے                           چھوڑو گے گر نماز جہنّم میں جاؤ گے

اعلي حضرت  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نمازجي تلقين فرمائي


 

 



[1] بہارِ شریعت،جلد:1 ،صفحہ :434 ،حصہ :3 ،بتغیر قلیل و ملتقطاً