Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

اَلحَمْدُللہ ! اهو شخص جنهن مُونجهاري ۾ مبتلا هو، اهو دور ٿي ويو. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ هڪ حافظ صاحب اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي خدمت ۾ حاضر ٿي عرض ڪيو: سائين ! اهو شخص(جنهن کي علمِ غيب جي مسئلي ۾ شڪ ۽ شبهو هو،  اهو) جڏهن هتان کان ويو ته واٽ تي چوڻ لڳو: اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جون ڳالهيون منهنجي دل کي وڻيون آهن، هاڻي مان اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم !  سندس مريد ٿيندس.

خائفِ کبریا                   ہیں رضا ہیں رضا           عاشقِ مصطفےٰ                ہیں رضا ہیں رضا

سنّیوں کے پیشوا             ہیں رضا ہیں رضا           رہبر و رہنما                   ہیں رضا ہیں رضا

نرمي سان سمجهائڻ جا  فائدا

حافظ صاحب جڏهن ٻڌايو ته ان شخص کي مسئلو سمجھ ۾ اچي ويو آهي ۽ هاڻي هُو اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو مريد ٿيڻ ٿو چاهي، هن تي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  مدني گُل ڏيندي فرمايو: ڏسو ! نرمي جا جيڪي فائدا آهن اُهي سختي سان هرگز حاصل نٿا ڪري سگهجن. جيڪڏهن اُن شخص کي سختي سان سمجهايو وڃي ها ته هُو شايد ڪڏهن به صحيح مسئلو سمجهي نه سگهي ها، وڌيڪ فرمايائون: جن ماڻهن جا عقيدا ڊانواڊول هجن، اُنهن سان نرمي وارو ورتاءُ ڪرڻ گهرجي ته جيئن هُو عقيدي ۾ صحيح ٿي وڃن. ([1])

مصطفےٰ کا وہ لاڈلا پیارا، واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی !

غوثِ اعظم کی آنکھ کا تارا، واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی !

عِلْم و عِرْفاں کا جو کہ ساگَر تھا، خیر سے حافِظَہ قَوِی تَر تھا

حق پہ مبنی تھا جس کا ہر فتویٰ، واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی !


 

 



[1] ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت،صفحہ:90