Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

مُجاهدو ڇاکي چئبو آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو ! اچو ! ملفوظات اعليٰ حضرت مان هڪ ٻيو معلوماتي سوال ۽ جواب ٻڌون ٿا:

ڪنهن سوال ڪيو: مجاهدي جي ڇا معنيٰ آهي؟ سيّدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن سوال جي جواب ۾ فرمايو: سڄو مجاهدو هن آيت ڪريمه ۾ جمع  ڪيو ويو آهي:

اَمَّا مَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّہٖ وَ نَہَی النَّفۡسَ عَنِ  الۡہَوٰی (ۙ۴۰) فَاِنَّ  الۡجَنَّۃَ  ہِیَ الۡمَاۡوٰی (ؕ۴۱)  (پارہ:30 ،سورۂ نازعات:40 ،41 )

ترجموڪنزالعرفان:  ۽ رهيو اُهو جيڪو پنهنجي ربّ جي حضور بيهڻ کان ڊنو ۽ نفس کي خواهش کان روڪيو. ته بيشڪ جنت ئي اُن جو ٺڪاڻو آهي.

(يعني قيامت جي ڏينهن الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيشي کان ڊڄڻ ۽ پاڻ کي خواهشات کان بچائي رکڻ، هي مجاهدو آهي). سيّدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمايو: هي ئي جهاد اڪبر آهي. حديث پاڪ ۾ آهي: ڪافرن کان جهاد ڪرڻ کان بعد واپس ايندي سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رَجَعْنَا مِنَ الْجِہَادِ الْاَصْغَرِ اِلَی الْجِہَادِ الْاَکْبَر  يعني اسان پنهنجي ننڍي جهاد کان وڏي جهاد جي طرف ڦرياسين. ([1])

سرڪار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  کارائن ٿا

  هن حوالي سان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو:  هڪ صاحب کي ڏاڙهون کائڻ جي خواهش ٿي. 30 سال گذري ويا پر اُن ڏاڙهون نه کاڌو، 30 سالن کان بعد هڪ ڏينهن ان کي خواب ۾ سرور عالم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي زيارت ٿي،


 

 



[1] کشف الخفاء،جلد:1، صفحہ :375، حدیث:1360 ،ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت،صفحہ:157 بتغیر قلیل