Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

مان پنهنجي پير صاحب جي آستاني تي ٻهارو ڏئي رهيو آهيان.

سيّد قناعت علي شاھ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  اچرج ۾ پئجي ويا ڇوته کيس اڃا اها خبر نه هئي ته حاجي محمد شاھ صاحب به اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جا مريد آهن. اُن کي حيران ٿيندي ڏسي حاجي صاحب فرمايو: مان اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کان عُمر ۾  توڙي جو وڏو آهيان، مون سندن ننڍپڻ به ڏٺو آهي، جواني به ڏٺي آهي ۽ هاڻي پوڙهائپ به ڏسي رهيو آهيان، مون کين هرعمر ۾ زماني جي بي مثل شخصيت ڏٺو آهي، تڏهن وڃي بيعت ڪئي آهي، پوڙهائپ ۾ ته هر شخص بُزرگ ٿي ويندو آهي پر اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  کي ننڍپڻ ئي کان تمام گهڻو مشهور ۽ بي مثال شخصيت لڌو آهي.([1])

ہر فَن میں بےمِثال ہیں احمد رضا مرے                  بچپن سے باکمال ہیں احمد رضا مرے

ڪنهن عاشق اعليٰ حضرت ڇا ته خوب لکيو آهي:

ہزاروں سے اعلیٰ ہمارا رضا ہے                            ہزاروں میں یکتا ہمارا رضا ہے

کوئی ایسا پابندِ  سُنّت بھی دیکھا؟                               بتاؤ ! تو جیسا ہمارا رضا ہے

عجم ہی نہیں بلکہ سارے عرب میں                        ہُوا جس کا شُہرہ ہمارا رضا ہے

خودی کو مٹاتا، خُدا سے مِلاتا                                    ہمارا رضا ہے، ہمارا رضا ہے

 پنجويھين شريف جي ڌوم ڌام

 پيارا اسلامي ڀائرو ! اعلي حضرت امام اهلسنت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بابرڪت ذات اسلامي دنيا جي لاءِ تمام وڏي نعمت آهي. جڏهن ڪافر (Non-Muslims) اسلام جي خلاف سازشون ڪري رهيا هئا، بدمذهبي عُروج پڪڙي رهي هئي، بدعتون


 

 



[1] جہانِ امام احمد رضا،جلد: 7، صفحہ: 208 بحوالہ حیاتِ اعلیٰ حضرت،جلد:1 ،صفحہ:108 بتغیر