Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

گناهن مان هڪ هيءُ به آهي ته ڪنهن کي جڏهن چيو وڃي ته الله پاڪ کان ڊڄ ! ته هُو اڳيان کان جواب ڏي: تو پنهنجي فڪر ڪر...... ! !  ڇا تو جهڙو ماڻهو مون کي حڪم ڏيندو؟.  ([1])

الله پاڪ اسان کي اصلاح قبول ڪرڻ وارو بڻائي.  اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡنصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِه وَسَلَّم

گُنَاہوں سے مجھ کو بچا یااِلٰہی !                                 بُری عادتیں بھی چُھڑا یااِلٰہی !

خطاؤں کو میری مِٹا یااِلٰہی !                                   مجھے نیک خصلت بنا یااِلٰہی !

مُطِیع اپنا مجھ کو بنا یااِلٰہی !                                       سدا سُنّتوں پر چَلا یااِلٰہی !

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب !         صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي عادت بڻايو !

 سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ننڍپڻ شريف جي حڪايت مان ٻيو مدني گُل هي مليو ته مُبلغ هر جڳھ مبلغ هوندو آهي، اسان کي نيڪي جي دعوت عام ڪندو رهڻ گهرجي، غلطي ڪنهن سان ناهي ٿيندي؟ انبياءِ ڪرام کان علاوه سڀئي انسان غيرمعصوم آهن، ڪو وڏو هجي يا ننڍو، ڊاڪٽر هجي يا انجنيئر، واپاري هجي يا گراهڪ، سيٺ هجي يا نوڪر، غلطي سڀني کان ٿي سگهي ٿي، جيڪڏهن اسان موقعي جي مناسبت سان، سامهون واري جي نفسيات کي سمجهي ڪري، حڪمت عملي سان هڪٻئي کي نيڪي جي دعوت ڏيندا رهنداسين ته  اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم ! غلطين ۽ گناهن ۾ گهٽتائي اچي ئي ويندي.

نيڪي جي دعوت ڏيڻ هر مسلمان جي اَساسي ذميداري آهي

 هونئن به نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ هر مسلمان جي اَساسي


 

 



[1] تفسیر در  منثور،پارہ:2 ،سورۂ بقرہ ،تحت الآیۃ:206 ،جلد:1 ،صفحہ:575