Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

پيا، اُستاد صاحب جي خدمت ۾ عرض ڪيائون: اُستاد محترم ! سلام جي جواب ۾ وَعَلَیْکُمُ السَّلَام    چوڻ گهرجي.

  اُستاد صاحب به نيڪ انسان هو، اُن ننڍڙي مبلغ يعني اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زبان مان اصلاحي جملو ٻڌو ته ناراض نه ٿيا بلڪه خوش ٿي پنهنجي هونهار شاگرد کي ڪيترن ئي دعائن سان نوازيائين. ([1])

وہ جس کے زُہْد و تقویٰ کو سراہا شان والوں نے

کہا یُوں پیشواؤں نے ہمارا پیشوا تم ہو

حقیقت ہے ملے ہیں دین و ایماں آپ کے گھر سے

شریعت کے مُحافِظ اے شہِ احمد رضا تم ہو

 منافق جي هڪ علامت

پيارا اسلامي ڀائرو !  هن مان هڪ ته اسان جي لاءِ هي درس آهي ته اسان کي به گهرجي ته جڏهن ڪو چڱي ڳالھ چئي، اسان کي سمجهائي، غلطي ٻڌائي يا نيڪي جي دعوت ڏي ته مسڪرائي اُن جي ڳالھ تسليم ڪري پنهنجي اصلاح (Refinement) ڪندا ڪريون. اسان وٽ عام طور ماڻهو ناراض ٿي ويندا آهن، پنهنجي عُمر، منصب، عهدي يا اسٽيس وغيره جي پوشاڪ ۾ لڪي پنهنجي اصلاح کان محروم ٿي ويندا آهن

 ڪي نادان ته اصلاح ڪرڻ واري جي بي عزتي به ڪري وجهندا آهن ته پنهنجي عُمر ته ڏس ! توکي ايتري ڄاڻ ئي ناهي ! ڪالهوڪو ٻار مون کي سمجهائڻ آيو آهي وغيره. اهڙن کي سنڀلجي وڃڻ گهرجي، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ زماني ۾ هڪ منافق هو، الله پاڪ اُن جي بُري


 

 



[1] حیاتِ  اعلیٰ حضرت ،جلد:1 ،صفحہ:107 بتغیر