Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

اچو ! ملفوظات اعليٰ مان ڪجھ معلوماتي سوال جواب ٻڌون ٿا:

رڪوع ۽ سجود ۾ بيهڻ جي مقدار

 اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي بارگاھ ۾ سوال ٿيو:  ڇا رڪوع  ۽ سجدي ۾ هڪ ڀيرو سُبْحٰنَ اللہ   چوڻ جي مقدار بيهڻ ڪافي آهي؟

جواب: سيّدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: ها ! رڪوع ۽ سجود ۾ ايترو بيهڻ فرض آهي جو هڪ ڀيرو سُبْحٰنَ اللہ چئي سگهي(يعني هڪ ڀيرو سُبْحٰنَ اللہ چوڻ ۾ جيتري دير لڳي ٿي، اوتري دير تائين رڪوع ۽ سجدي ۾ بيهڻ فرض آهي).([1])

   پيارااسلامي ڀائرو ! نهايت اهم مسئلو آهي، اسان وٽ ڪيئي ماڻهو هن مصيبت ۾ مبتلا آهن: وقت ڪڍي مسجد ۾ ته ايندا آهن، نماز به پڙهندا آهن پر نه ڄاڻ ڪهڙي تڪڙ هوندي اٿن جو اطمينان سان ناهن پڙهندا رڪوع ۾ ويا هڪدم بيهي رهيا ۽ اڃا مڪمل بيهندا به ناهن، ته يڪدم سجدي ۾ هليا ويندا آهن، سجدي ۾ به اڃا مٿو نه رکيو ته هڪدم کڻي ورتو. اهڙي جلدبازن کي سنڀلجي وڃڻ گهرجي، سيّدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جيڪو رڪوع ۽ سجود ۾ تعديل نه ڪري(يعني رڪوع ۽ سجود ۽ قومه ۽ جلسه ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو سُبْحٰنَ اللہ  چوڻ جي مقدار نه بيهي)، چاهي 60 سال تائين ايئن نماز پڙهندو رهي، اُن جون نمازون قبول ڪونه ٿينديون.[2] (بلڪه) حديث پاڪ ۾ آهي، (هڪ شخص تڪڙي تڪڙي نماز پڙهي رهيو هو، ان کي ڏسي ڪري ٻنهي جهانن جي سردار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو:) لَوْ مُتَّ مُتَّ عَلٰی غَیْرِ الْفِطْرَۃِ الَّتِیْ فَطَرَ اللہ مُحَمَّدًا عَلَیْہَا  يعني جيڪڏهن تون اهڙي حال مُئين ته تون دين محمدي


 

 



[1] رد المحتار علی الدرالمختار ،کتاب الصلاۃ ،مطلب:قد یشار الی المثنی ،جلد:2 ،صفحہ:193

[2] ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت،صفحہ:63 بتغیر قلیل