Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي نه مرندي.[1]  

الامان و الحفیظ ! الامان و الحفیظ... ! !

وقتِ آخر جلوۂ محبوب دے                                 کلمہ پڑھتے پڑھتے نکلے دَم رضا کے واسطے

نماز پڙهڻ جا ڪجھه ضروري احتياط

   سيّدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: هڪ شخص مسجد نبوي شريف ۾ حاضر ٿيو ۽ تڪڙ مان جلدي جلدي نماز پڙهيائين، نماز مان فارغ ٿي سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي خدمت ۾ سلام ڪرڻ جي لاءِ حاضر ٿيو، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِرْجِعْ فَصَلِّ  فَاِنَّکَ لَمْ تُصَلِّ  يعني واپس موٽ،  ورائي نماز پڙھ، بيشڪ تو نماز ناهي پڙهي.

اُن شخص وري ساڳي وانگر تڪڙ ۾ جلدي جلدي نماز پڙهي، ٻيهر درٻار رسالت ۾ حاضر ٿيو، سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وري ايئن ئي فرمايو: واپس موٽ، ورائي نماز پڙھ ڇوته تو نماز ناهي پڙهي. اُن شخص ٽيهر نماز پڙهي، وري اهو ئي ارشاد ٿيو: آخرڪار اُن شخص عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ! مونکي اهڙي ئي نماز اچي ٿي، اوهان مون کي درست نماز سيکاريو ! اُن تي پياري نبي، رسول هاشمي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: رڪوع ۽ سجود اطمينان سان ڪر، رڪوع کان سڌو بيھ ۽ ٻنهي سجدن جي وچ ۾ سڌو ويھ ([2])

 

بي نمازين جي  لاءِ جهنم جي خوفناڪ وادي

   اي عاشقانِ رسول ! غور و فڪر جو مقام آهي، هي اُن شخص جو حال آهي


 

 



[1] بخاری،کتاب الاذان،باب اذا لم یتم الرکوع،صفحہ:253 ،حدیث:791۔

[2] بخاری، کتاب الاذان، ،صفحہ :246 ،حدیث:757،ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، صفحہ: 291 بتغیر قلیل