Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي سمجهائڻ جو انداز صد مرحبا..... ! !  پاڻ ڪمال حڪمت عملي سان سيد سڳوري کي سمجهائيندي فرمايو: صاحبزاده ! هي ارشاد فرمايو ته جنهن عورت کي مڙس طلاق ڏني هجي، ڇا اها پٽ جي لاءِ حلال ٿي سگهي ٿي؟ سيّد صاحب فرمايو: نه. اُن تي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  فرمايو: هڪ ڀيرو اوهان جا جدِ اعلي مسلمانن جا ڇوٿان خليفه حضرت علي المرتضي، شيرخدا اڪيلائي ۾ پنهنجي مبارڪ چهري تي هٿ گهمائي فرمايو: اي دنيا ! ڪنهن ٻي کي دوکو ڏي، مان توکي اهڙي طلاق ڏني آهي جنهن ۾ ڪڏهن به صلح جي راھ ناهي. پوءِ اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمايو: شهزاده حضور ! ڇا هن قول کان بعد به سيّد سڳورن جو غُربت ۽ سُڃائي ۾ مبتلا ٿيڻ تعجب جي ڳالھ ناهي؟ سيّد سڳوري چيو: وَالله (الله جو قسم) اوهان جي هنن ڳالهين مون کي دلي طور سڪون پهچايو آهي، الحمدلله ! ان کان پوءِ سيّد سڳوري ڪڏهن به پنهنجي غُربت جي شِڪوا نه ڪئي. ([1])

ایمان پا رہا ہے حَلاوَت کی نعمتیں                        اور کفر تیرے نام سے لرزاں ہے آج بھی

بھر دِی دِلوں میں الفت و عظمت رسول کی           جو مخزنِ حلاوتِ ایماں ہے آج بھی

وابستگان کیوں ہوں پریشان اُن پہ جب               لطف و کرم کا آپ کے داماں ہے آج بھی

 علم غيب جو  مسئلو سمجهه  ۾  اچي ويو

 هڪ ڀيري سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ هڪ شخص کي حاضر ڪيو ويو، هي شخص پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ جي علم غيب جي متعلق مُونجهاري جو شڪار هو، اُن اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ سوال ڪيا، سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه نهايت نرمي، پيار سان قرآن ۽ حديث مان دليل ڏئي اُن کي سمجهايو.


 

 



[1] ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت،صفحہ:127 بتغیر