Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

آئی  نئی  حکومت  سِکّہ  نیا  چلے  گا            عالَم نے رنگ بدلا صُبْحِ شبِ وِلادت

(ذوقِ نعت،ص۶۷)

(12) ٻارهين جي رات اجتماع ميلاد ۾ گذاري صبح صادق جي وقـت پنهنجن هٿن ۾ سبز سبز جهنـڊا کڻي، درود ۽ سلام جا هار کڻي، اکين مان ڳوڙها وهائيندي صبحِ بهاران جو استقبال ڪيو. فجر جي نماز کانپوءِ سلام ۽ عيد مبارڪ چئي هڪ ٻئي سان گرم جوشي سان ملاقات فرمايو ۽ سڄو ڏينهن عيد جون مبارڪون پيش ڪندا ۽ عيد ملندا رهو.

عیدِ میلادُ النّبی تو عید کی بھی عید ہے                 بالیقیں ہے عید  ِعیداں عیدِ میلادُ النّبی

(وسائلِ بخشش مرمم، ص۳۸۰)

الله پاڪ جا پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 12 سومر شريف تي روزو رکي پنهنجي ولادت جو ڏينهن ملهائيندا رهيا، توهان به ياد مصـطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۾ 12 ربيع الاول شريف جو روزو رکـي ڪري سائـو جهنڊو کڻي جلوسِ ميلاد ۾ شريڪ ٿيو. جيستائين ممڪن ٿئي با وضو رهو ۽ زبان تي درود و سلام ۽ نعتن جا نغمه ڳائيندي ۽ درود ۽ سلام جا گل پيش ڪندي نگاهون جهڪائي  باوقار طريقي سان هلو. ٺينگ ٽپا ڏيندي هلڻ سان ڪنهن کي تنقيد جو موقعو نه ڏيو.

ربیعُ الاوّل تجھ پر اَہلسنّت کیوں نہ ہوں قرباں             کہ تیری بارھویں تاریخ وہ جانِ قمر آیا

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب !            صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد