Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

وڌ حصو وٺو، اِن شَآءَ الله الڪرِيم ! دِين ۽ دُنيا جون کوڙ ساريون ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم مدرسة المدينه بالغان به آهي

 الحمد لله ! دعوتِ اسلامي تحت مسجدن ۾، اسڪول، ڪاليج ۽ مارڪيٽن وغيره ۾ لڳندڙ مدارِسُ المدينه ۾ وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن کي تجويد سان قرآنِ ڪريم پڙهڻ سيکاريو ويندو آهي ۽ گڏوگڏ بنيادي ضروري اَحڪام و مَسَائل ۽ سنتون ۽ آداب به سيکاريا ويندا آهن۔

سُنتن جو عامِل بڻجي ويو

بلوچستان جي رهواسي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خُلاصو آهي: دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان گھڻو فيشن پرست هيس، چهري تي ڏاڙھي نه هئي نه مٿي تي عمامي شريف جو تاج، سنّت جي راھ کان پري دُنيا جي محبت ۾ پنهنجي قيمتي زندگي کي بي عملي ۽ جهالت جي اونداهي ۾ گذاري رهيو هيس۔ منهنجي زندگي ۾ روشني هن طرح نمودار ٿي جو هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي تجويد سان قرآن پاڪ پڙهڻ جو ذهن ڏنو، نماز عشاء کان پوءِ لڳائي ويندڙ اسلامي ڀائرن جي مدرسة المدينه ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي، مون ان جي نيڪي جي دعوت کي قبول ڪري ورتو ۽ اسلامي ڀائرن جي مدرسة المدينه ۾ شرڪت ڪرڻ لڳس، الحمد لله ! هن جي برڪت سان مون تجويد سان قرآن ڪريم پڙهڻ سکي ورتو ۽ فيشن پرستي ڇڏي سنّتن جو عامل بڻجي ويس۔

یہی ہے آرزُو تعلمِ قرآں عام ہو جائے       تلاوت کرنا صُبح وشام میرا کام  ہو جائے

”مدني قاعِده (Madani Qaida) “ موبائِل ايپليڪيشن