Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

ٻڌائي وئي ۽ کين قُطب الاِرشاد جي منصب تي فائز ڪيو ويو. منهنجي نظرن ۾ اڃا به اهو منظر محفوظ آهي، بس انهي ڏينهن کان احمد رضا جي ڳولها ۾ آهيان. )[1](

سُبْحٰنَ اللہ الله پاڪ اسان جي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي نوراني تُربت تي  ڪروڙن جي تعداد ۾ رحمتون نازل فرمائي. هي ته هڪ شخص جي گواهي آهي. اَلحَمْدُللہ ! اُن زماني جي وڏن وڏن ولي سڳورن کي به اها خبر هئي ۽ ٻين کي به ٻڌائيندا هئا ته اعليٰ حضرت امام اهلسنت امام احمدرضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن دور جا قُطب الارشاد آهن.

جانتے تھے تجھے قطب و اَبْدال سب                       کرتے تھے مجذوب و سالِک اَدَب

تیری چوکھٹ پہ خم اَہْلِ دِل کی جبیں                        سیدی مرشِدی، شاہ احمد رضا

صوفیِ باصَفا                   ہیں رضا ہیں رضا          صاحبِ اِتِّقا                  ہیں رضا ہیں رضا

خوبرو خوش ادا               ہیں رضا ہیں رضا          دِلبر و دلربا                    ہیں رضا ہیں رضا

اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  ننڍپڻ کان ئي مبلغ هئا

سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي پاڪيزه سيرت کي ڏٺو وڃي  ته خبر پوي ٿي ته پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي ذات ۾ نيڪي جي دعوت ڏيڻ، بُرائي کان منع ڪرڻ ۽ اُمَّت جي اصلاح جو جذبو(Passion) تمام گهڻو هو. سندن ننڍپڻ جو واقعو مشهور آهي. هڪ ڀيري اُستاد صاحب مَدرسي ۾ ٻارن کي سبق پڙهائي رهيا هئا، سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  به انهن ٻارن ۾ موجود سبق پڙهي رهيا هئا، ايتري ۾ هڪ ٻار ڪلاس ۾ داخل ٿيو، اُن استاد صاحب کي سلام ڪيو، اُستاد صاحب جي زبان مان نڪتو: سلامت رهو هي ٻڌي ڪري اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  ڇرڪي


 

 



[1] فتوحات، جلد:3، صفحہ:297۔