Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

مولیٰ، مُجَدِّدِ دِیْن و مِلَّت، مُحْیِ سُنّت اعلیٰ حضرت

 اعلي حضرت ۽ علمي مذاڪرو

   پيارا اسلامي ڀائرو ! اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سڄي زندگي نيڪي جي دعوت عام ڪندي گذاري ڇڏي، انفرادي اصلاح ۽ معاشري جي اصلاح جي لاءِ اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪيترن ئي طريقن سان ڪم ڪيو، نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۽ ماڻهن تائين علمِ دين جو نُور پهچائڻ جي حوالي سان سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جو هڪ تمام پيارو معمول هو جو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه علمي مدني مذاڪرو فرمائيندا هئا. اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جو روزانو معمول مبارڪ هو ته عصر جي نماز پڙهي ڪري گهر ۾ ويهڪ واري هنڌ کٽ رکي تشريف فرما ٿيندا هئا، چؤطرف ڪرسيون رکيل هونديون هيون، ماڻهن زيارت جي لاءِ ايندا ۽ ڪرسين تي ويهي ويندا هئا، اُن دوران زيارت لاءِ اچڻ وارا پنهنجون حاجتون پيش ڪندا هئا، سندن حاجتون پوريون ڪيون وينديون هيون، هر هڪ جي تواضع (يعني خيرخواهي) ڪئي ويندي هئي، عُلوم ۽ فنون ۽ برڪتن جا درياء جاري ٿيندا هئا، ماڻهو مختلف سوال پڇندا ۽ پنهنجا علمي مونجهارا پيش ڪندا هئا، اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  انهن جا جواب ارشاد فرمائيندا هئا، ايئن اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي علمي ڪماليت مان عوام توڙي علماء سڀئي فيضياب ٿيندا هئا. ([1])

 اَلحَمْدُ للہ !  عاشق اعليٰ حضرت، شيخ طريقت باني دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا محمد الياس عطار قادري رضوي  دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه به هر ڇنڇر تي عشاء جي نماز کان بعد مدني چينل تي مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن جنهن ۾ سڄي دنيا مان عاشقانِ رسول مختلف موضوعن تي سوال ڪندا آهن ۽ اميراهلسنت قرآن ۽ حديث ۽ پنهنجي تجربن جي روشني ۾ علم ۽ حڪمت سان ڀريل جواب


 

 



[1] آقا صَلَّی اللہ عَلیہ وَآلہٖ و َسَلَّم  کا جدول ،صفحہ:33 ، 34  بتغیر ۔