Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

ارشاد فرمائيندا آهن. ڄڻ ته اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي علمي مذاڪري واري انداز کي باقي رکيو آهي.

   اعليٰ حضرت جو هڪ علميمذاڪرو

   28 رجب المرجب، سن 1337 هجري،  جمعي جو ڀلاورو ڏينهن هو، سيّدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جبل پور ۾ تشريف فرما هئا، عصر جو قريبي وقت هو، مريد ۽ عاشقَ جمع ٿي ويا، مختلف علمي سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو، سيّدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  اُن دوران بدمذهبن ۽ بُري ماڻهن جي صحبت کان  بچڻ جي متعلق مدني گل ارشاد فرمايا.

اعليٰ حضرت جا صاحبزاده علامه مصطفي رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هن مجلس ۾ ڪجھ اهڙا ماڻهن به هئا جيڪي بدمذهبن جي صحبت ۾ ويهندا هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جون قيمتي نصيحتون ٻُڌي ڪري هُو دل ئي دل ۾ پاڻ کي ملامت ڪندا رهيا، ۽ ڪڏهن ڪهڙي ڪنڊ مان ته ڪنهن مان توبه ۽ اِستغفار جا آواز به اچي رهيا هئا، هن موقعي تي هڪ صاحب ندامت سان اٿيو ۽ سيّدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي پيرن تي ڪري توبه ڪرڻ لڳو.

اُن تي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  فرمايو: ڀائرو ! هي وقت نزول رحمت جو آهي، سڀئي پنهنجي پنهنجي گناهن کان توبه ڪن، جن جا لڪيل گناھ آهن، اهي دل ئي دل ۾ توبه ڪن ۽ جن جا علي الاعلان گناھ آهن، سي وري اعلانيه توبه ڪن. سچي دل سان توبه ڪيو ڇوته  الله ربّ العزت اهڙي ئي دعا قبول ڪندو آهي  مان دعا ڪريان ٿو ته الله پاڪ اوهان سڀني کي استقامت عطا فرمائي.

    سيّدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي هنن چند جملن  محفل جو رنگ ئي بدلائي ڇڏيو. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زبان مبارڪ جو اثر اهڙو هو جو ماڻهو اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا، عجيب پُرڪيف منظر هو، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  پاڻ به روئي روئي