Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

مڪتوبِ عطّار:

بِسْم اللّٰه الرَّحْمٰنِ الرَّحِيمط سگِ مدينه محمدالياس عطّارقادِرِي رَضَوِي عُفِي عَنْه جي طرفان تمام عاشقان رسول اسلامي ڀائرن جي خدمت ۾:

السلام علیکم ورَحْمَۃُ اﷲ وَبَرکاتُہ      الحمدُ لِلّٰہ رَبِّ العٰلمینَ علٰی کلِ حال

الحمدللھ ربّ العالمين ! جهومي وڃو ! جلد ئي ربيع الاول جو مهينو اچڻ وارو آهي. چڱين چڱين نيتن سان جشن ولات جي ڌوم مچائڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃو.  

تم بھی کرکے اُن کا چرچا اپنے دِل چمکاؤ                         اونچے میں اونچا نبی کا جھنڈا گھر گھر میں لہراؤ

(1) چنڊ واري رات جو هنن لفظن سان ٽي ڀيرا مسجدن ۾ اعلان ڪرايو: تمام اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي مبارڪ هجي جو ربيع الاول شريف جو چنڊ نظر اچي ويو آهي.

رَبِیْعُ الاوّل اُمّیدوں کی دُنْیا ساتھ لے آیا دُعاؤں کی قَبولیَّت کو ہاتھوں ہاتھ لے آیا

 (2) براءِ ڪرم ربيع الاول شريف جي برڪت سان اسلامي ڀائر هميشه جي لاءِ هڪ مٺ ڏاڙهي ۽ اسلامي ڀينرون مستقل شرعي پردو ۽ وڏي خوش قسمتي جو مدني برقعو پائڻ جي نيت ڪن.  (مرد لاءِ ڏاڙهي ڪوڙائڻ يا هڪ مٺ کان گهٽائڻ ٻئي حرام آهن، اسلامي ڀيڻ جو بي پردگي ڪرڻ حرام آهي.)

جُھک گیا کعبہ سَبھی بُت مُنہ کے بَل اَوندھے گِرے     دَبدبہ    آمد    کا   تھا،   اَھْلاً   وَّ   سَھْلاً     مرحبا

  (3)سنتن ۽ نيڪين تي استقامت حاصل ڪرڻ جو عظيم فارمولو هي آهي ته تمام عاشقان رسول اسلامي ڀائر ۽ اسلامي ڀينرون روزانو جائزو وٺندي نيڪ اعمال جو رسالو ڀري هر انگريزي مهيني جي پهرين تاريخ تي جمع ڪرائڻ جي نيت ڪن، تقويٰ جو انمول خزانو هٿ ايندو

بدلیاں رَحمت کی چھائیں، بُوندیاں رَحمت کی آئیں