Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

سيّدي اعليٰ حضرت  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هڪ سوال جو جواب ڏيندي فرمائن ٿا: جيستائين عقل باقي آهي. ڪنهن وقت ۾نماز معاف ناهي، سفر جي حالت ۾ يا اهڙي مرض ۾ جنهن ۾ روزو رکڻ جي طاقت نه هجي، رمضان شريف جي روزن جي قضا ڪرڻ(يعني ان وقت ڇڏي ڪري بعد ۾ رکڻ) جي اجازت آهي.([1])

  اهڙي طرح زڪوٰة صاحب نصاب تي ۽ حج صاحب استطاعت تي فرض آهي پر نماز بهرحال سڀني تي فرض آهي. ([2])  جيڪو بيمار آهي، بيهي نٿو سگهي ته ڀت، لٺ يا ڪنهن ماڻهوءَ جي سهاري بيهي نماز ادا ڪري، جيڪو صفا بيهي نٿو سگهي، اهو ويهي نماز پڙهي، جيڪڏهن ويهي به نٿو سگهي ته ليٽي ڪري اشاري سان نماز پڙهي. ([3])

مقصد: نماز مرڻ وقت تائين معاف ناهي. ([4])   الله ربُّ العزت فرمائي ٿو:

وَ اعۡبُدۡ رَبَّکَ حَتّٰی یَاۡتِیَکَ الۡیَقِیۡنُ (۹۹) (پارہ:14 ،سورۂ حجر:99)

ترجموڪنزالعرفان: مرڻ گهڙي تائين پنهنجي ربّ جي عبادت ڪيو.

ہر عبادت سے بَرتَر عبادت نَماز                         ساری دولت سے بڑھ کر ہے دولت نَماز

قلبِ غمگیں کا سامانِ فَرحت نَماز                         ہے مریضوں کو پیغامِ صِحَّت نَماز

نارِ دوزخ سے بے شک بچائے گی یہ                  ربّ سے دلوائے گی تم کو جنَّت نَماز

پیارے آقا کی آنکھوں کی ٹھنڈک ہے یہ             قلبِ شاہِ مدینہ کی راحت نَماز

بھائیو ! گر خُدا کی رِضا چاہئے                                  آپ پڑھتے رہیں باجماعت نَماز


 

 



[1] ردالمحتار علی الدرالمختار، کتاب الصوم ،فصل فی العوارض،جلد:3 ،صفحہ :462 -465

[2] ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت،صفحہ:279

[3] حلبی کبیر، الثانی: القیام، صفحہ:261 -262، ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت،صفحہ:279  ملتقطاً 

[4] ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت،صفحہ:279  ملتقطاً