Book Name:Ala Hazrat Aur Naiki Ki Dawat

چڪي هئي. سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جي ٻي ڀيري حج جي سفر  جو واقعو آهي ته جمعي جو ڏينهن هو، اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  جمعي جي نماز پڙهڻ  جي لاءِ ڪنهن مسجد شريف ۾ پهتا، اُتي خطيب صاحب خطبي جي دوران  هڪ جملو ڳالهايو جيڪو شرعي طور درست نه هو.

نه شهر پنهنجو، نه وطن پنهنجو، مٿان وري ڀريل مسجد، عوام جو اجتماع، خطيب صاحب خطبو پڙهي رهيو آهي، خطيب جو به پنهنجو رُعب دبدٻو هوندو آهي، اهڙي حالات ۾ انسان کي گهٻراهٽ به ٿيندي آهي، ڪڏهن ڪڏهن خوف به  ٿيندو آهي ته ڪٿي مان هيڏي اجتماع ۾ غلطي ٻڌائيندس ته ماڻهو نه ڄاڻ مون سان ڪهڙو رويو (Behavior) اختيار ڪندا؟ پر قربان وڃو ! اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي طبيعت مبارڪ ئي اهڙي هئي، بُرائي کي ڏسندي ئي اصلاح نه ڪرڻ کين پسند ئي نه هو. بهرحال جيئن ئي خطيب صاحب شريعت جي خلاف جملو ڳالهايو، سيّدي اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي زبان مبارڪ مان بلند آواز سان خودبخود نڪتو: اَللّٰہُمَّ ہٰذَا مُنْکَر  ياالله ! هي بُرو آهي.

هي واقعو بيان ڪرڻ کان بعد اعلي حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: حديث پاڪ ۾ آهي: جيڪو بُرائي کي ڏسي اُن کي پنهنجي هٿ سان بدلي ڇڏي، جيڪر اُن جي طاقت نه ٿو رکي ته زبان سان روڪي، جيڪڏهن زبان سان به نٿو روڪي سگهي ته دل ۾ برو سمجهي ۽ هي ايمان جو اَدنيٰ درجو آهي. ([1]) اَلحَمْدُ للہ ! اللھ  پاڪ جي توفيق سان مون هن حڪم جي بجا آوري وچولي درجي يعني زبان سان روڪي ڪري ڪئي ۽ الله پاڪ جي رحمت شامل حال رهي جو ڪنهن کي منهنجي سامهون ڪجھ چوڻ جي جرئت نه ٿي بلڪه اهڙي طرح نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ خطري کان محفوظ رهڻ تي اتان جي عالمن مون  کي  مبارڪون ڏنيون. ([2])


 

 



[1] مسلم، کتاب الایمان، باب بیان کون النہی عن المنکر،صفحہ :42 ، حدیث :49 ۔

[2] ملفوظاتِ اعلیٰ حضرت، صفحہ:  203 بتغیر قلیل