Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام  جو  صبر

ٻيا اُولُو الْعَزْم رسول حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام  آھن. سندن مبارڪ شان ڏسو! پُورِي قوم ۾ اڪيلا ھئا. 

سندن والد محترم ۽ والده محترمه ايمان وارا ھئا، اللہ پاڪ کي ھڪ مڃڻ وارا ھئا پر انهن خاموشي اختيار ڪري رکي ھئي. انهن ٻن کان علاوہ سندن خاندان وارن کان وٺي وقت جي بادشاهه نمرود تائين سڄي قوم شرڪ ۽ ڪفر ۾ مبتلا ھئي. پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام اڪيلي سِر نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ شروع ڪيائون. 

ھي به ڏسو ڪيڏو نه ڪمال آهي، جو ھڪ پاسي سموري قوم آهي، ٻئي پاسي صرف ھڪ همت وارا نبي حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام آھن. ڪڏهن ڪڏهن اسان سوچي رهيا هوندا آھيون يا ذهن ۾ تشويش ٿي رهي هوندي آهي ته مان ته اڪيلو آھيان، مان اڪيلو ڇا ٿو ڪري سگھان. 

اهڙي سوچ رکڻ وارن کي عرض آهي ته پيارا ڀاءُ! شروعات هميشه ھڪ کان ئي ٿيندي آهي * ھڪ مان ئي ٻه، وري ٻه مان چار،چار مان اٺ، اٺ مان سورنهن ، پنجاهه، سَو، ہزار، لک ۽ ڪروڙ ٿيندا آهن * توھان کي چيو وڃي ته ہزار تائين انگ ڳڻيو! ته توھان ڪٿان کان شروع ڪندا؟ ھڪ کان ئي شروع ڪندا نه. ابتدا ته ھڪ کان ئي ٿيندي آهي * ڪمري ۾ چؤطرف اونداھه ئي انداھه هجي، جيڪڏهن صرف ھڪ ئي ڏيئو ٻاريو وڃي ته روشني چوڌاري پکيڙجي ويندي آهي. 

شروعات هميشه ھڪ کان ئي ٿيندي آهي. حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جي همت ۽ سندن حوصلو ڏسو! پوري قوم ھڪ پاسي آهي، وقت جو ظالم ترين بادشاهه نمرود به سندن قوم سان گڏ آهي، ٻئي طرف حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام اڪيلا