Book Name:Himmat Wale Rasool
ويندا آهن.)[1](
(4) ڇھ لک دُرُودشريفن جو ثواب
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدٍ عَدَدَ مَا فِیْ عِلْمِ اللّٰہِ صَلَاۃً دَ اۤ ئِمَۃًۢ بِدَوَامِ مُلْكِ اللّٰہِ
حضرت اَحمد صاوِي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪِن بُزرگن کان نقل ڪن ٿا هن دُرُود شريف کي هڪ ڀيرو پڙهڻ سان ڇھ لک دُرُودشريف پڙهڻ جو ثواب حاصل ٿيندو آهي.)[2](
(5) قُربِ مُصطَفٰي صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم
اَللّٰھُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ کَمَا تُحِبُّ وَ تَرضٰی لَہٗ
هڪ ڏينهن هڪ شَخص آيو ته حُضُورِ اَنور صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم کيس پنهنجي ۽ صِدّيقِ اڪبر رَضِیَ اللهُ عَنْہُ جي وچ ۾ ويهاريو، انهيءَ تي صَحابَه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْہم کي تَعَجُّب ٿيو ته اهڙي مرتبي وارو شخص ڪير آهي جڏهن اهو هليو ويو ته سرڪار مدينه صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم جن فرمايو: هو جڏهن مون تي دُرُودِ پاڪ پڙهندو آهي ته هيئن پڙهندو آهي. )[3](
(6) دُرُود شَفَاعت
اَللّٰہُمَّ صَلِّ عَلٰی مُحَمَّدٍ وَّاَنْزِلْہُ الْمَقْعَدَ الْمُقَرَّبَ عِنْدَکَ یَوْمَ الْقِیَامَۃِ