Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

جي چهري مبارڪ جو نُور چمڪندو، جيڪو پلصِراط تان گذرڻ وارن کي پنهنجي گهيري ۾ آڻي ڇڏيندو، جنهن کي چهرهءِ مصطفيٰ صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم جي نور جو جيترو حصو نصيب ٿيندو، اهو اوتري تيزيءَ سان پلصِراط پار ڪري وٺندو ۽ قيامت جي ڏينهن اُهو پاڪ نُور دنيا ۾ درود پاڪ پڙهڻ جي حساب سان ڏنو ويندو، جيڪو دنيا ۾ جيترو وڌيڪ درود پاڪ پڙهڻ وارو هوندو، ان کي اوترو ئي وڌيڪ نورِ مصطفيٰ صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم نصيب ٿيندو ۽ هو اوتري ئي تيزيءَ سان پل صِراط پار ڪري ويندو. ([1])

پُل سے اُتارو راہ گزر کو خبر نہ ہو                                                             جِبریل پَر بِچھائیں تو پَر کو خبر نہ ہو

کانٹا مِرے جگر سے غَمِ رُوزگار کا                                                     یُوں کھینچ لیجیے کہ جِگر کو خبر نہ ہو

فریاد اُمَّتی جو کرے حالِ زار میں                                                             ممکن نہیں کہ خیرِ بشَر کو خبر نہ ہو ([2])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                     صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديث پاڪ ۾ آهي : اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.([3])

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي، اچو ته بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا. نيت ڪيو ته ! * الله جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * با اَدَب ويهندس * خوب توجهه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس  ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                     صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]... بستان الواعظین، مجلس فی ذکر المیزان و الصراط، صفحہ:84 بتصرف۔

[2]... حدائقِ بخشش، صفحہ:130۔

[3]... بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔