Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

اختيار ڪريو، حالتون ڪهڙيون به هجن، پنھنجي رستي تي قائم رهو، پنهنجي پيرن تي مضبوطي سان ثابت قدم رهو، ان جي بدلي ۾ اللہ پاڪ امامت، قيادت ۽ پيشوائيِ عطا فرمائيندو آهي. قرآن ڪريم ۾ آهي: 

وَ جَعَلْنَا مِنْهُمْ اَىٕمَّةً یَّهْدُوْنَ بِاَمْرِنَا لَمَّا صَبَرُوْا۫ؕ- (پارو: 21، سورة سجده: 24)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ جڏهن بني اسرائيل صبر ڪيو ته اسان انهن مان ڪجهه ماڻهن کي امام بڻايو جيڪي اسان جي حڪم سان رھنمائي ڪندا ھئا.

ھي بني اسرائيل جو ذڪر آهي، بني اسرائيل دنيا ۾ غلاميءَ واري زندگي گذاري رھيا ھئا. فرعون ۽ سندس قوم جا ماڻهو انهن تي ظلم ڪندا ھئا، 70 ہزار ٻارَ ان بدبخت قتل ڪرائي ڇڏيا! ۽ مٿن انيڪ قسمن جا ظلم ڪيائين. يعني بني اسرائيل ظاهري طور ايترا ڪمزور  ۽ غلاميءَ ۾ ھئا، پر اللہ پاڪ فرمايو: جڏھن انھن صبر ڪيو ته اسان کين امامت ۽ پيشوائيِ عطا فرمائي. ([1])  

معلوم ٿيو ته صبر جو نتيجو اڳواڻي جي صورت ۾ ملندو آهي. 

سبق پِھر پڑھ صداقت کا، عدالت کا، شجاعت کا

لیا جائے گا تجھ سے کام دُنیا کی امامت کا

پيارا اسلامي ڀائرو! ھيءَ حقيقت آهي، اسان سمجهي رهيا آهيون ته مسلمانن جي ترقي پيسي ۾ آهي، معاشي ترقيءَ ۾ آهي. پر حقيقت ۾ ائين نه آهي. حقيقت ھي آهي ته مسلمانن جي ترقي صبر ۾ آهي، همت ۾ آهي، استقامت ۾ آهي. 

اي مَحۡبوب!  صبر ڪريو!

اللہ پاڪ فرمايو: 

فَاصْبِرْ كَمَا صَبَرَ اُولُوا الْعَزْمِ مِنَ الرُّسُلِ (پارو: 26، سورة احقاف: 35)

ترجموڪنزالعرفان: (اي حبيب!) اوهان صبر ڪيو جيئن همت وارن رسولن صبر ڪيو.


 

 



[1]... تفسیر صراط الجنان، پارہ:21، سورۂ سجدہ، زیرِ آیت:24، جلد:7، صفحہ:545 بتصرف۔