Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

مَسَّتْهُمُ الْبَاْسَآءُ وَ الضَّرَّآءُ وَ زُلْزِلُوْا حَتّٰى یَقُوْلَ الرَّسُوْلُ وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا مَعَهٗ مَتٰى نَصْرُ اللّٰهِؕ-

(پارو: 2، سورة بقرة: 214)

ترجموڪنزالعرفان: انھن کي سختي ۽ تڪليف پهتي ۽ انھن کي زور سان لوڏيو ويو، ايسيتائين جو رسول ۽ انهن سان گڏ ايمان وارا چوڻ لڳا: الله جي مدد ڪڏھن ايندي؟

اهڙين سخت مصيبتن ۽ تڪليفن هجڻ جي باوجود  به اللہ پاڪ جي نبين ۽ انھن تي ايمان آڻڻ وارن دين تي عمل به ڪيو ۽ نيڪيءَ جي دعوت کي به عام ڪندا رھيا. 

معلوم ٿيو ته دين تي عمل ڪرڻ ۽ نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ھر دور ۾ مشڪل رهيو آهي. ڪامياب اھو آهي جيڪو صبر ڪندو آهي، همت ڏيکاريندو آهي، استقامت سان دين تي عمل به ڪندو رهندو آهي ۽ نيڪيءَ جي دعوت به عام ڪندو رهندو آهي. اهوئي اسان کي به ڪرڻو آهي. 

اُولُوالعزم رسولن جو صبر

اُولُو الْعَزْم رسولن جهڙو صبر ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. سندن پاڪ زندگين تي ٿورو غور فرمايو! 

حضرت نُوح  عَلَیْهِ السَّلَام  جو صبر مبارڪ

حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام زماني جي اعتبار کان سڀني کان پھريان اُولُو الْعَزْم رسول آھن. پاڻ ھڪ ہزار سالن کان وڌيڪ ڄمار حاصل ڪيائون، 950 سالن تائين پاڻ پنھنجي قوم کي نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا رهيا، سندن قوم ايتري ته سخت ڪٽر ڪافر هئي جو  950 سالن جي محنت جي باوجود صرف 80 ماڻھن ڪلمو پڙھيو. ان جي باوجود به سندن حوصلا پست نه ٿيا، سندن همت