Book Name:Himmat Wale Rasool
ڏسو! * قريش سندن قبيلي وارا ھئا، اُھي سندن مخالف ٿي بيٺا * اَبُولَھب سندن سڳو چاچو هو، پاڻ صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم جڏهن نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ نڪرندا هئا ته اَبُولھب سندن پويان پويان هلڻ لڳندو هو ۽ کين پٿر هڻندو رهندو هو، پاڻ صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم جون مبارڪ کُڙِيُون رتو رت ٿي وينديون هيون، ان جي باوجود پاڻ صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم همت نه هاريندا هئا، صبر کان ڪم وٺندا رهندا هئا ۽ استقامت سان نيڪيءَ جي دعوت عام فرمائيندا رهندا هئا.
صَحَابيءِ رسول حضرت منيب اَزدِي رَضِىَ الـلّٰـهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: اسلام قبول ڪرڻ کان اڳ مون اللہ پاڪ جي آخري نبي، مڪي مدني صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم کي ڏٺو، پاڻ صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم جي چوڌاري ماڻهو جمع ھئا، پاڻ فرمائي رھيا ھئا: اي انسانو! لَا اِلٰہَ اِلَّا اللّٰهُ چئو! ۽ فلاح حاصل ڪريو ...!! ماڻهو (پاڻ صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم جي صاف ۽ سچي ڳالهه تي غور ڪرڻ ۽ اسلام قبول ڪري جھنم کان آزادي حاصل ڪرڻ جي بدران، ويتر انهن تي) ظلم ڪري رهيا ھئا. مَعَاذَ اللّٰه! ڪو پاڻ صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم جن جي مٿان مِٽِي اڇلائي رهيو هو ته ڪو گاريون ڏئي رهيو هو. ٻيپهريءَ تائين اهو سلسلو هلندو رهيو. پوءِ جڏھن سڀئي ماڻهو ٽِڙِي پکڙي ويا ته ھڪ عورت وڏي پيالي ۾ پاڻي کڻي حاضرِ خدمَت ٿي ۽ پاڻ سڳورن صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم جو چهرو مبارڪ ڌوئاريائين. مان اُتي موجود ماڻهن کان ان عورت بابت پڇيو ته انھن ٻڌايو: اِھا انهن (يعني رسول الله صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم) جي ڌيءُ زينب آھي. ([1])
اللّٰهُ! اللّٰهُ! پيارا اسلامي ڀائرو! ھي آهي صبر، استقامت، همت ۽ عزم ...!! اللہ پاڪ فرمايو: