Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

مان توھان جي بخشش ۽ ھدايت جي لاءِ دعائون گهرندو ئي رهندس. 

گهر ۾ نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جو طريقو

پيارا اسلامي ڀائرو! ھن مان سمجھو ته گھر ۾ نيڪيءَ جي دعوت ڪيئن ڏيڻي آهي. حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جو چاچو ظاهر  آهي سندن گھر جو فرد هو، پاڻ ان کي نيڪيءَ جي دعوت ڏئي رھيا ھئا * لھجو نرم * لفظَ اثرائتا * سادا ۽ آساني سان سمجهه ۾ اچڻ وارا * ۽ انتھائي پيار ۽ محبت جو اظهار ...!! 

گھر ۾ نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻي هجي ته اهڙو ئي انداز اختيار ڪرڻ گهرجي. مثال طور * والد صاحب يا والده محترمه نماز نه ٿا  پڙھن * ڀاءُ گانا ٻڌندو آهي * ڀينرُون فيشن ڪنديون آهن، فلمون ڏسنديون آهن ته انھن کي نيڪ بڻائڻ جو اهو طريقو نه آهي ته اسان ساڻن بائيڪاٽ ڪري ڇڏيون * ڀائرن ۽ ڀينرن کي دڙڪا ڏيڻ شروع ڪريون * پنهنجي ماءُ جي ھٿن جو ٺاهيل کاڌو کائڻ ڇڏي ڏيون * انھن سان لڙائي جھڳڙو ڪرڻ شروع ڪريون * ساڻن ڳالهائڻ ٻولهائڻ ڇڏي ڏيون نه نه ...!! ايئن بلڪل به ناهي ڪرڻو. ايئن ڪرڻ سان ته اُهي اڃان وڌيڪ بدظن ٿي ويندا. کين پيار سان سمجھائڻو آهي، انتھائي نرميءَ سان ڳالهائڻو آهي. پوءِ به نه مڃين ته حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام وارو انداز اختيار ڪرڻو آهي، پاڻ ڇا چيائون: 

سَلٰمٌ عَلَیْكَۚ- (پارو: 16، سورة مريم: 47)

ترجموڪنزالعِرفان: بس توتي سلام آهي.

 ھي سلامِ مُتَارَڪَت آهي. يعني سامهون واري کي ان جي حال تي ڇڏي ڏيو. نه ٿو  مڃي ته سندس مرضي! هاڻي چوڻ ڇڏي ڏيو، پوءِ ٻيو ڇا ڪرڻو آهي؟ 

سَاَسْتَغْفِرُ لَكَ رَبِّیْؕ- (پارو: 16، سورة مريم: 47)

ترجموڪنزالعِرفان: عنقريب مان تنهنجي لاءِ پنھنجي رب کان معافي گهرندس.