Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

يعني ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جيئن ته اسان جي معبودن کي ٽوڙيو آهي، تنهنڪري ھڪ وڏي باهه ٻاريو ۽ هنن کي ان باهه ۾ اڇلايو ...!! 

ھيءَ صرف ڌمڪي نه ھئي. ھڪ وڏي باهه ٻاري وئي، حڪومتي سطح تي ان باهه ٻارڻ جا انتظام ڪيا ويا، ڪتابن ۾ لکيل آهي ته جڏھن اُهي باهه ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون گڏ ڪري رھيا ھئا ته ڪيترن ئي ڏينھن تائين گڏ ڪندا رهيا، انهن ڏينهن ۾ جيڪڏھن ڪنھن مشرڪ کي ڪا حاجت پيش ايندي هئي ته باسَ باسيندو هو ته جيڪڏھن منھنجو ھي ڪم ٿي وڃي ته مان ابراهيم (عَلَیْهِ السَّلَام) کي ساڙڻ جي لاءِ هيتريون ڪاٺيون ڏيندس. ([1])

قوم جي اِھا حالت ھئي. هاڻي انھن ڪاٺيون گڏ ڪري ورتيون، باهه ٻاري وئي. ھيءَ تمام وڏي باهه ھئي ايتري قدر جو ان جي مٿان ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين پکي به اڏري نه سگهندا هئا، ايتري شديد باهه ھئي. هاڻي سوچيائون ته ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام کي ان ۾ اڇلڻو ڪيئن آهي؟ تنهنڪري مَنجَنِيق (يعني گولا اڇلائڻ واري توپَ نما مشين) ٺاهي وئي ۽ حضرت إبراهيم عَلَیْهِ السَّلَام کي ان سان ٻَڌي باهه ۾ اڇلايو ويو. ([2])

هاڻي ٿورو صبر ۽ همت جو اندازو لڳايو! حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام کي اُڇليو ويو، پاڻ هوا ۾ آھن، باهه جي طرف وڌي رھيا آھن، ڪجهه ئي منٽن کان پوءِ پاڻ تمام وڏي باهه  جي وچ ۾ ھوندا، ان وقت حضرت جبرائيلِ اَمين        عَلَیْهِ السَّلَام حاضر ٿيا، عرض ڪيائون: اي ابراهيم! حاجت هجي ته فرمايو! حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام فرمايو: حاجت ته آهي پر توھان سان نه آهي. حضرت جبرائيلِ اَمين عَلَیْهِ السَّلَام وراڻيو: ته پوءِ جنهن سان آهي، ان کي ئي چئو! فرمايائون: اُهو ڏسي رھيو آهي، چوڻ جي ضرورت نه آهي. ([3]) 


 

 



[1]... تاریخ الخمیس، المقدمہ، جلد:1، صفحہ:149۔

[2]... تاریخ الخمیس، المقدمہ، جلد:1، صفحہ:149۔

[3]... كشف الخفا، جلد:1، صفحه:318، رقم:1134۔