Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

۾ بغير موقعي ۽ مَهل جي نيڪيءَ جي دعوت به پنھنجو اثر وڃائي ويهندي آهي. مثال طور * سامهون وارو شخص بيمار آهي ۽ اسان کيس قافلي جي دعوت ڏئي رھيا هجون * سامهون وارو پنھنجو ڪو رنج يا پريشاني کڻي آيو آهي ۽ اسان شروع ٿي وياسين! ته تون نماز نه پڙھندو آهين، ھي پريشانيون ان جو ئي نتيجو آھن، وغيره وغيره. نه پيارا ڀاءُ! ائين نه ڪريو! موقعو پيدا ڪريو پهريان کيس دلاسو ڏيو، تسلي ڏيو، ٻه چار وظيفا جيڪڏهن اوهان کي ياد ھجن ته ٻڌايو. هاڻي توريل تڪيل لفظن ۾ وڏي حڪمتِ عمليءَ سان نماز ۽ روزي جي دعوت ڏيو. تڏهن وڃي اثر ٿيندو. اهڙي طرح ڪڏهن ڪڏهن نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ پورو پورو ماحول ٺاهڻو پوندو آهي. اھڙو ماحول بڻائڻ جو طريقو به اسان کي اچڻ گهرجي. 

جسے نیکی کی دعوت دوں اُسے دیدے ہدایت تُو

زُباں میں دے اثر کردے عطا زورِ قلم مولیٰ

حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام  جو صبر

ساڳي طرح حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام به اُولُوالْعَزم رسول آھن * پاڻ ھئا ۽ ساڻن گڏ سندن ڀاءُ هارُون عَلَیْهِ السَّلَام هو، فرعون ڪافر به هو، بادشاهه به هو، خدائي جي دعويٰ به ڪرڻ وارو هو. پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام حضرت هارُون عَلَیْهِ السَّلَام سان گڏ ان جي درٻار ۾ تشريف وٺي ويا، نھايت همت سان، وڏي استقامت جو مظاھرو ڪندي سندس دربار ۾ کيس نيڪيءَ جي دعوت ڏنائون ۽ انتھائي نرميءَ سان ڏنائون * پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام کي ستايو ويو * گھر کان ٻاھر نڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي * کين قتل ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا ويا * طرح طرح جون تڪليفون پهچايون ويون پر پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام همت نه ھاريائون، صبر ۽ استقامت سان نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا رهيا * پوءِ جڏھن فرعون غرق ٿي ويو ته سندن ئي قوم بني اسرائيل سرڪشي ڪرڻ شروع ڪئي * ڪڏهن