Book Name:Himmat Wale Rasool
الله پاڪ صبر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم جي طبيعت مبارڪ ۾ سادگي هئي، پاڻ صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم هن دنيا ۾ پاڻ پنهنجي مرضي سان فقر اختيار فرمايائون * پاڻ جڏهن دعا فرمائيندا هئا ته تمام ٿورو کاڌو به هزارن کي کارائي ڇڏيندا هئا([1]) * کِيرَ جي هڪ پيالي مان 70 صحابه کي ڍئو ڪرائي ڇڏيندا هئا ([2]) * جن جي مبارڪ آڱرين مان پاڻيءَ جا چشما ڦُٽِي نڪرندا هئا ته اهو پاڻي لکن کي ڪفايت ڪندو هو. اُهي محبوب صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم پاڻ پنهنجي زندگي اهڙي نموني گذاريندا هئا جو سندن ڏينهن جا ڏينهن فاقاڪشي ۾ گذرندا هئا ([3]) * جن جي دَر جو صدقو اسان سڀ کائي رهيا آهيون، سڄي دنيا جن جي دروازي تان پلجندي هئي، پلجندي آهي ۽ پلجندي رهندي، انهن محبوب صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم جو گھر مبارڪ بلڪل سادو هو، ڪيئي منزلن وارو نه هو، ڪيترن ئي فُٽن يا گزن تي ڦهليل نه هو. مطلب ته پاڻ سڳورن صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم تمام سادگي واري زندگي اختيار فرمائي.
مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ سيدہ عائشہ صديقه رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهَا فرمائن ٿيون: هڪ ڏينهن مان محبوب صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم جي چهري پاڪ تي بک جا آثار ڏٺا ته مون کي روئڻ اچي ويو، مون تڙپي عرض ڪيو: يارسول الله صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم! اوھان پنھنجي رب کان کاڌو ڇو نه ٿا طلب فرمايو ته هو توھان کي کارائي. فرمايائون: اي عائشه! خدا جو قسم! جيڪڏھن مان پنھنجي رب کان سوال ڪريان ته جبل سونَ جا بڻجي مون سان گڏ گڏ هلن ته منھنجو رب ضرور ائين ڪرڻ فرمائيندو، جبلن کي حڪم ٿي ويندو (ته اهي سونَ جا بڻجي وڃن ۽) مان انھن کي زمين تي جتي چاھيان پاڻ سان گڏ وٺي وڃان. پر مان دنيا ۾ * پيٽ ڀرڻ جي بدران