Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

يعني هاڻي چوڻ ڇڏي ڏيو، اللہ پاڪ جي بارگاهه ۾ دعائون گُهرڻ شروع ڪريو. ممڪن هجي ته تهجد پڙھي دعا ڪريو * صلاۃُ الْحَاجَات پڙھو * ھر نماز کان پوءِ دعائون گهرو: ياالله پاڪ! منھنجي گهروارن کي نمازي بڻاءِ  * ياالله پاڪ! منهنجي ڀاءُ کي گانن ٻڌڻ کان توبهه ڪرڻ جي توفيق نصيب فرماءِ. ياالله پاڪ! منهنجي ڀينرن کي فيشن کان نجات نصيب فرماءِ. اهڙي نموني دعائون گهرو. انْ شَاءَ اللّٰهِ الْكَرِيْمِ! گھر ۾ ديني ماحول بڻجي ويندو. 

قوم ۽ نمرُود کي نيڪيءَ جي دعوت

 حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جي وڌيڪ سيرت پاڪ ڏسو! پاڻ پنهنجي قوم کي سمجھائڻ واسطي بتن کي ٽوڙي ڇڏيائون! جڏھن انھن ڏٺو ته جن کي اسان پُوڄيندا آهيون، اُھي ته ڀَڳا پيا آھن ته تمام گهڻو ڪاوِڙِيا. حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جڏهن قوم جي اهڙي حالت ڏٺي ته موقعو ڄاڻي کين نيڪيءَ جي دعوت ڏنائون، فرمايائون: 

فَسْــٴَـلُوْهُمْ اِنْ كَانُوْا یَنْطِقُوْنَ(۶۳)(پارو: 17، سورة انبياء: 63)

ترجمو ڪنزالعِرفان: پوءِ انھن کان پڇو جيڪڏھن هي ڳالهائي سگھن.

 يعني جيڪڏھن اِھي ڳالهائي سگھن ته انھن کان ئي پڇو ته کين ڪنهن ڀورا ڀورا ڪيو آهي؟ ماڻھو حيران ٿي ويا. سڀني ڪنڌَ جهڪائي ڇڏيا واقعي ڳالهه ته سچي آهي، جيڪي پاڻ پنهنجي حفاظت نه ٿا ڪري سگھن، حفاظت ڪرڻ ته پَري جي ڳالھ آهي، پنھنجي تڪيليف به ٻين کي ٻڌائي نه ٿا سگھن، اُهي ڀلا خدا ڪيئن ٿي سگھن ٿا؟  پر پوءِ شيطان کين وسوسي ۾ مبتلا ڪيو ۽ سندن سرڪشي غالب آئي، چوڻ لڳا: 

حَرِّقُوْهُ (پارو: 17، سورة انبياء: 68)

ترجموڪنزالعِرفان: هن کي ساڙيو.