Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

حضرت امامِ عالي مقام، امامِ حسين رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُ تي ڪربلا جي ميدان ۾ ڪيڏا نه امتحان آيا، 72 ساٿي سندن سامهون شهيد ٿيا. * حضرت علي اصغررَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيْهِ جي ڳلي ۾ تير لڳو، پاڻ پنھنجي ھٿن سان ڪڍيائون * ڀائر، ڀائٽيا، ڀاڻيجا، پُٽَ سڀ اکين جي  آڏو جامِ شھادت نوش ڪري رھيا آھن، پاڻي بند آهي، اهڙين سخت حالتن هجڻ جي  باوجود به پاڻ پنھنجي جاءِ تي ڄميل رهيا. اھو صبر آهي. 

حڪمت جي هڪ ڳالهه

هتي ھڪ ڳالهه ٿورو توجهه سان سمجھو! علماءِ ڪِرام لکيو آهي ته اللہ پاڪ جي معرفت حاصل ڪرڻ جو طريقو ھي آهي ته ٻانهو افعالِ الٰهي کي سمجھي. ([1]) اللہ پاڪ ڪھڙي شيءِ کي ڪھڙي شيءِ جو نتيجو بڻايو آهي، ان ڳالهه کي سمجھڻ ۽ ان تي غور ڪرڻ سان حڪمت ملندي آهي، اللہ پاڪ جي سڃاڻپ نصيب ٿيندي آهي. * مثال طور محنت جو نتيجو ڇا آهي؟ ڪاميابي. * اخلاص جو نتيجو ڇا آهي؟ قبوليت * توڪل جو نتيجو ڇا آهي؟ الله پاڪ جي خاص مدد ملڻ. ارشاد ٿئي ٿو: 

وَ مَنْ یَّتَوَكَّلْ عَلَى اللّٰهِ فَهُوَ حَسْبُهٗؕ- (پارو: 28، سورة طلاق: 3)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ جيڪو اللہ تي ڀروسو ڪري ته اُھو ان کي ڪافي آهي.

اللہ پاڪ ھن دنيا ۾ ھر شيءِ کي ڪنهن نه ڪنهن شيءِ سان جوڙي رکيو آهي، ھي ڪم ڪنداسين ته ھي نتيجو نڪرندو، هُو ڪم ڪنداسين ته هُو نتيجو نڪرندو. ان کي افعالِ الٰهي چوندا آهن. 

 * امامت * اڳواڻي * قيادت * رهنمائي ملڻ، ھي سڀ صبر جو نتيجو آهن. ھي نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه آهي، صبر ڪريو، همت کان ڪم وٺو، استقامت


 

 



[1]... بہارِ شریعت، جلد:1، صفحہ:3، حصّہ :1 بتغیر قلیل۔