Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

اللہ پاڪ سان محبت ڪرڻ لڳندو آهي ته ان تي آزمائش اچڻ شروع ٿي ويندي آهي) ۽ محبتِ رسول جو  اثر، فقر آهي. ([1])   

ھڪ دفعي ھڪ شخص بارگاهِه رسالت ۾ حاضر ٿيو، عرض ڪيائين: يارسول الله صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم! مان توھان سان محبت ڪندو آهيان. پاڻ صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم فرمايو: جيڪڏھن سچو آھين ته فقر جي لاءِ تيار ٿي وڃ! ڇو ته جيڪو مون سان محبت ڪندو آهي، فقر ان ڏانهن ايتري تيزيءَ سان ايندو آهي جو ٻوڏِ به ايتري تيزيءَ سان پنھنجي منزل ڏانهن نه وڌندي آهي. ([2])

خير! هيءَ سمجھڻ جي ڳالهه آهي، جيڪڏھن غير مسلمن وٽ مال ۽ دولت وڌيڪ آهي، اُھي وڌيڪ امير آھن ته اِھا پريشانيءَ جي ڳالهه نه آهي، خوشيءَ جي ڳالهه آهي، اِھا اُن ڳالهه جي نشاني آهي ته اڄ به مسلمانن جي دلين ۾ عشقِ رسول جا ڏِيئا ٻَرِي رهيا آهن. اللہ پاڪ اسان کي دنيا جي مصيبتن تي صبر ڪرڻ نصيب فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.

اُولُوالعزم رسول ڪهڙا  آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جيڪا حديث پاڪ ٻڌي، رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم ان ۾ ھڪ آيتِ ڪَرِيمه تلاوت فرمائي، اللہ پاڪ فرمايو: 

فَاصْبِرْ كَمَا صَبَرَ اُولُوا الْعَزْمِ مِنَ الرُّسُلِ (پارو: 26، سورة احقاف: 35)

ترجمو ڪنزالعرفان: (اي حبيب!) اوهان صبر ڪيو جيئن همت وارن رسولن صبر ڪيو.

حضرت عبدالله ابنِ عباس رَضِيَ اللّٰهُ عَنْهُمَا صحابيءِ رسول آھن، فرمائن ٿا: اُولُو الْعَزْم رسول 5 آھن: (1): پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم   (2): حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام (3): حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام (4): حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام


 

 



[1]... الفتح الربانی و الفیض الرحمانی، المجلس الثامن و العشرون، صفحہ:117۔

[2]... ترمذی، کتاب الزہد، باب ما جاء فی فضل الفقر، صفحہ:561، حدیث:2350۔