Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

ھي اسان جي آقا صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم کي حڪم ڪيو پيو وڃي: اي محبُوبصلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم! قوم توھان کي ستائي رهي آهي * ڪافر ظلم ۽ ستم جا جبل ٽوڙي رهيا آهن * طائف وارن پٿر وسايا! * ابوجھل بدبخت دشمنيءَ جي انتھا ڪري ڇڏي * ابولہب ۽ سندس پُٽُ گستاخيءَ ۾ حد کان وڌي ويا * ماڻھو توھان کي ۽ توھان جي غلامن کي تڪليفون پهچائي رهيا آھن. اي محبوب صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم! توھان انهن تڪليفن جي باوجود نيڪيءَ جي دعوت جو ڪم جاري رکو! اهڙو صبر ڪريو! جهڙو اُولُو الْعَزم رسولن ڪيو آهي. 

نيڪي جي دعوت مشڪل ڪم آهي

پيارا اسلامي ڀائرو! ھي اسان جي لاءِ به سبق آهي. نيڪيءَ جي دعوت جو ڪم ھميشه  کان ئي مشڪل رهيو آهي، دين تي هلڻ ھميشه دشوار ئي رهيو آهي * حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام کان وٺي اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفىٰ صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم تائين ھر نبي عَلَیْهِ السَّلَام جي مخالفت ڪئي وئي* حضرت يحيٰ عَلَیْهِ السَّلَام ھڪ مسئلو بيان فرمايو هو، ان جي نتيجي ۾ بدبخت بادشاهه کين شهيد ڪرائي ڇڏيو هو([1]) * حضرت زڪريا عَلَیْهِ السَّلَام کي شهيد ڪيو ويو([2])  * بني اسرائيل ھڪ ئي ڏينھن ۾ 70 کان وڌيڪ انبياءِ ڪِرَام عَلَیْهِم السَّلَام کي شهيد ڪيو([3]) * (اڳين قومن مان) حضرت حبيب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيْهِ جن جو ذڪر سورة يٰسِينِ شريف ۾ ڪيو ويو آهي، انھن کي سندن قوم پٿرن سان ماري ماري شهيد ڪري ڇڏيو هو. ([4]) انبياءِ ڪِرَام عَلَیْهِم السَّلَام تي ايترو ته سختيون ڪيون ويون جو  اللہ پاڪ فرمايو: 


 

 



[1]... البدایہ و النہایہ، حصّہ:1، جلد:1، صفحہ:438-439 ملخصاً۔

[2]... سیرت الانبیا، صفحہ:764۔

[3]... تفسیر خازن، پارہ:1، سورۂ بقرہ، زیرِ آیت:61، جلد:1، صفحہ:50۔

[4]... تفسیربغوی، پارہ:23، سورۂ یٰسین،زیرِ آیت:25، جلد:3، صفحہ:638 بتصرف۔