Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

سلام ڪرڻ واري اَلسَّلَامُ عَلَيْكُمْ وَرَحْمَةُ اللّٰه چيو ته جواب ۾ وَعَلَيْكُمُ السَّلَامُ وَرَحْمَةُ اللّٰهِ وَبَرَكَاتُهُ  چئو ۽ جيڪڏهن سلام ڪرڻ واري  وَبَرَكَاتُهُ تائين چيو ته جواب ڏيڻ وارو به ايترو ئي چوي، ان کان زيادهه (يعني واڌارو) نه ڪري. سلام جو جواب فوراً ۽ ايتري آواز سان ڏيڻ واجب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي. اچو ته سلام ۽ جوابِ سلام جو درست تلفظ ياد ڪري وٺون. پھريان مان چوان ٿو توھان ٻڌي پوءِ دهرايو: اَلسَّلَامُ عَلَيْكُمْ (اَسْ۔سَلَا۔مُ۔عَلَيْ۔كُمْ) هاڻي پھريان مان جواب ٻڌايان ٿو پوءِ توھان اُن کي ورجايو: وَعَلَيْكُمُ السَّلَامُ (وَ۔عَ۔لَيْكُ۔مُسْ۔سَلَامُ). ([1])

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبـ المدينه جو شايع ٿيل بهار شريعت جلد: 3 مان حصو 16 ۽ شيخ طريقت، امير اهل سنت مولانا الياس قادري  دامَتْ بَرَكَاتُھُمُ الْعَالِيَہ جو 91 صفحن تي مشتمل رسالو 550 سنتون ۽ آداب خريد فرمايو ۽ پڙهو. سنتون سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر ڪرڻ به آهي.

آؤ قافِلے میں ہم کریں مل کر سفر

تیس تیس اور بارہ بارہ دن کے قافلے        سنّتیں سیکھیں گے اِس میں اِنْ شَآءَ اللہ سر بَسَر

میں سفر کرتے رہو جب بھی تمہیں موقع ملے

الله پاڪ اسان کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                    صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

      دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ  6  درود شريف ۽  2 دعائون


 

 



[1]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:30-32۔