Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

فَاصْبِرْ كَمَا صَبَرَ اُولُوا الْعَزْمِ مِنَ الرُّسُلِ (پارو: 26، سورة احقاف: 35)

ترجمو ڪنزالعرفان: (اي حبيب!) اوهان صبر ڪيو جيئن همت وارن رسولن صبر ڪيو.

پيارا اسلامي ڀائرو! اهوئي اسان جي لاءِ سبق آهي ته اسان صبر ڪريون، همت ڪريون، استقامت اختيار ڪريون، نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ۾، دين تي عمل ڪرڻ ۾، ھر ھڪ ميدان ۾ صبر، همت ۽ استقامت اختيار ڪريون. انْ شَاءَ اللّٰهِ الْكَرِيْمِ! ھر ميدان ۾ ڪاميابي اسان جا قدم چُمندي. امير اھلِ سنت دامَتْ بَرَكَاتُھُمُ الْعَالِيَہ فرمائن ٿا: 

تمہیں اے مُبَلِّغْ! یہ میری دُعا ہے                                      کئے جاؤ طے تم ترقی کا زینہ

اللہ پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: علائقائي دورو

پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ نمازي بڻجڻ، نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جو جذبو حاصل ڪرڻ، صبر ۽ رضا جهڙيون خوبيون حاصل ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلاميءَ سان وابسته ٿي وڃو! دعوتِ اسلاميءَ جي 12 ديني ڪمن ۾خوب زور شور سان حصو وٺو! انْ شَاءَ اللّٰهِ الْكَرِيْمِ! ان جي برڪت سان دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان ھڪ ديني ڪم: علائقائي دورو به آهي. 

حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪي قدم راھِ خدا ۾ مِٽيءَ هاڻا ٿيندا آهن، انھن کي جھنم جي باهه نه ڇُهندي.([1]) * نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ۽ برائيءَ کان روڪڻ جي لاءِ گھر کان نڪرڻ به راھِ خدا ۾ نڪرڻ آهي * اسان جا پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ بازارن ۾


 

 



[1]... مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356۔