Book Name:Himmat Wale Rasool
ڪرڻ نبين جي سنت آهي * انبياءِ ڪِرام * صحابهءِ ڪِرام * ۽ نيڪ شخص نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ لاءِ پنهجن گھرن کان نڪري * دور دراز علائقن ڏانهن * ھجرت ڪندا هئا ۽ * تڪليفون برداشت ڪري دين جو پيغام عام ڪندا ھئا * اڳين جي قربانين ڏيڻ جي ڪري ئي اسان تائين دين پهتو آهي.
توھان ماههِ نومبر ۾ قافلي ۾ سفر ڪرڻ جي نيت ڪري وٺو! ٿي سگھي ته هاڻي ئي پنھنجي نيت نوٽ ڪرائي ڇڏيو! انْ شَاءَ اللّٰهِ الْكَرِيْمِ! تمام گهڻيون برڪتون حاصل ٿينديون * قافلن ۾ فرض علمِ دين سيکاريو ويندو آهي * سنتون سيکاريون وينديون آھن * تهجد پڙھڻ جي سعادت ملندي آهي * نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي * قافلي جي برڪت سان دعائون قبول ٿيڻ، مشڪلاتون دور ٿيڻ ۽ بيمارين کان شفا ملڻ جا به هزارين واقعا آھن * ايئن به ٿيو آهي ته قافلي ۾ سفر ڪرڻ وارن عاشقانِ رسول جي حوصلا افزائيءَ جي لاءِ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم ڪرم فرمايو، خواب ۾ تشريف کڻي آيا ۽ قافلي وارن کي پنهنجو ديدار ڪرايو. اللہ پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
صَلُّوْا عَلَى الْحَبِيْبِ! صَلَّى اللّٰهُ عَلَى مُحَمَّد
ہر هفتي اميرِ اهلسنت دامَتْ بَرَكَاتُھُمُ الْعَالِيَہ مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي به مدني چينل تي عشاء کانپوءِ (تقريباً 8:30 منٽ تي) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ امير اهلسنت مولانا الياس عطار قادري دامَتْ بَرَكَاتُھُمُ الْعَالِيَہ سوالن جا جواب به عنايت فرمائيندا. تمام ذميدار ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ خود به شرڪت