Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

سلام ڪرڻ وقت دل ۾ اھا نيت ھجي ته جنهن کي مان سلام ڪري رھيو آھيان ان جو مال، عزت ۽ آبرو هر ڪا شيءِ منھنجي حفاظت ۾ آهي ۽ انهن مان ڪنھن به هڪ شيءِ ۾ دخل اندازي ڪرڻ کي حرام سمجهان ٿو. ڏينهن ۾ چاهي ڪيترائي ڀيرا آمهون سامهون اچڻ ٿئي يا ڪنھن ڪمري ۾ بار بار اچڻ وڃڻ ٿئي ته اتي موجود مسلمانن کي ھر دفعي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي. سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنت آهي. سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو اللہ پاڪ جو مقرب ٻانهو آهي. سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تڪبر کان آزاد آهي. جيئن نبي پاڪ صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم جو فرمان آهي: پهريان سلام ڪرڻ وارو تڪبر کان آزاد آهي. سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن. اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملنديون آهن. گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ اللہ به چونداسين ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ جيڪڏهن وَبَرَکَاتُہٗ  به شامل ڪنداسين ته 30 نيڪيون ٿي وينديون. اهڙيءَ ريت جواب ۾ وَعَلَیْکُمُ السَّلَامُ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہٗ چئي 30 نيڪيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون. ڪجھ ماڻهو سلام سان گڏ جَنَّتُ الْمَقَامْ ۽ دُوزَخُ الْحَرَام جا لفظ وڌائي ڇڏيندا آهن، اھو غلط طريقو آهي ۽ اھو جملو لغت جي اعتبار کان به غلط آهي بلڪه ڪي ته معاذاللّٰه مذاق ۾هينئن به چوندا آهن ته توھان جا ٻار اسان جا غلام. امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيْهِ فتاويٰ رضويه جلد 22 صفحو 409 تي فرمائن ٿا: گھٽ ۾ گھٽ اَلسَّلَامُ عَلَيْكُمْ ان کان بھتر وَرَحْمَةُ اللّٰه ملائڻ ۽ سڀ کان بھتر وَبَرَكَاتُهُ  به شامل ڪرڻ آهي ۽ ان تي زيادتي (يعني واڌارو) نه آهي. سلام ڪرڻ واري اَلسَّلَامُ عَلَيْكُمْ چيو ته جواب ۾ وَعَلَيْكُمُ السَّلَامُ وَرَحْمَةُ اللّٰه چئو ۽ جيڪڏھن