Book Name:Himmat Wale Rasool
گر آئے شرابی مٹے ہر خرابی چڑھائے گا ایسا نشہ دینی ماحول
تُو آ بے نَمازی، ہے دیتا نمازی خدا کرم سے بنا دینی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مدني قاعدھ (Madani Qaida) موبائِل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي آءِ ٽي I.T ڊپارٽمينٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعدھ (Madani Qaida). هن ايپلي ڪيشن ۾ مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي، يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ اوهان مدني قاعدي جي جنهن به حرف يا لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندا، ته آڊيو ۾ ان جو تلفظ هلندو. اهڙي طرح هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آساني سان مدني قاعدو پڙهي، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سِکي سگهجي ٿي. هن ايپلي ڪيشن ۾ مدني قاعدي جي سڀني سبقن جي وڊيو رڪارڊنگ به ڏسي سگهجي ٿي. هيءَ ايپلي ڪيشن پنهنجي سمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري ڇڏيو، پاڻ به فائدو حاصل ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي ھڪ ڀيرو ٻيھر نومبر مهينو قافلن جو مهينو طور ملهائي رھي آهي.
جنھن ۾ سڄي ملڪ مان عاشقانِ رسول * ھڪ مهينو* 12 ڏينھن* ۽ 3 ڏينھن جي قافلن ۾ سفر ڪندا. هُونئن ته هي ڏاڍو مشڪل ۽ صبر وارو ڪم آهي، پر ياد رکو نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ۽ ان راهه ۾ مشقت برداشت