Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

اُھي ناشڪريون ڪندا هئا * ڪڏهن حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي گستاخي ڪندا هئا ڪڏهن کين تڪليف ڏيندا هئا * توريت شريف تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار نه ٿيا. ان جي باوجود حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام همت نه ھاري، صبر ۽ استقامت سان دين جو ڪم جاري رکيائون. 

حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام  جو  صبر

حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام جي زندگي مبارڪ ڏسو! * انهن جي اَمِي جان پاڪيزه بتول مريم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيْھَا تي الزام لڳايا ويا * حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام کي طرح طرح سان ستايو ويو * کين شهيد ڪرڻ جا منصوبا جوڙيا ويا    * سندن ڪلمو پڙھڻ وارن ئي منافقت ڪئي * سندن خلاف سازشون ڪيون ويون * وقت جي حڪمرانن حڪومتي سطح تي سندن بائيڪاٽ ڪيو * آخرڪار کين شهيد ڪرڻ جو مڪمل طور منصوبو بڻايو ويو، جيتوڻيڪ اللہ پاڪ کين زندهه آسمانن ڏانهن کڻي ورتو پر سندن قوم جي سرڪشي ڏسو! جو انهن جي هم شڪل کي عيسيٰ سمجهي ڦاهيءَ تي چاڙھيائون ۽ ھٿن ۽ پيرن ۾ ڪِلَ ٺوڪي کيس موت جي مُنهَن ۾ اڇلي ڇڏيائون. ([1]) 

    اَلحمدُ لِلّٰہ! حضرت عيسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام کي انهن جي ڪا به تڪليف نه پهتي، انهن کي جيئرو آسمانن ڏانهن کنيو ويو، قيامت ويجهو اچڻ وقت ٻيھر تشريف فرما ٿيندا. پر سندن قوم جي سرڪشي ڏسو! اُھي ڪيڏا نه سخت دل ۽ ظالم ھئا جن کي پاڻ نيڪيءَ جي دعوت ارشاد فرمائي رھيا ھئا. 

پياري آقا صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم جو صبر

اسان جي آقا و موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم جو صبر مبارڪ


 

 



[1]... سیرت الانبیا، صفحہ:824 بتصرف۔