Book Name:Himmat Wale Rasool
آھن ۽ نيڪيءَ جي دعوت جون ڌُومُون مچائي رھيا آھن. تنهنڪري جيڪڏهن اڪيلا به آھيو ته ڪهڙو حرج آهي.؟ اڪيلي سِر ئي نيڪيءَ جي دعوت عام ڪريو، انْ شَاءَ اللّٰهِ الْكَرِيْمِ! رب ڪريم ڪَرم فرمائيندو ۽ آهستي آهستي قافلو بڻجي ويندو.
میں اکیلا ہی چلا تھا جانِبِ منزل مگر لوگ ملتے گئے، کارواں بنتا گیا
حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جي همت جي ڳالھ ٻڌو! سندن سڳو چاچو آزَر به مشرڪ هو. يعني دشمن گھر ۾ ئي موجود هو. روزانو ان سان مهاڏو اٽڪائڻو پئي پيو. پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام ان کي به نيڪيءَ جي دعوت ڏني، ڪيئن ڏني؟ سُبْحٰنَ اللہ! قرآن ڪَرِيم ۾ آهي: پاڻ پنھنجي چاچي آزَر کي فرمايائون:
یٰۤاَبَتِ (پارو: 16، سورة مريم: 42)
ترجموڪنزالعِرفان: اي منهنجا پيءُ!
اللہُ اکبر! لھجي جي نرمي تي غور فرمايو! پاڻ پنھنجي چاچي جي لاءِ ”اَبُ“ لفظ جو استعمال فرمايائون: جنهن جي لفظي معنيٰ آهي: پيءُ يا بابو. نيڪيءَ جي دعوت جو ڪيترو نرم انداز آهي. چاچي کي پيءُ چئي مخاطب ڪيائون، فرمايائون:
لِمَ تَعْبُدُ مَا لَا یَسْمَعُ وَ لَا یُبْصِرُ (پارو: 16، سورة مريم: 42)
ترجمو ڪنزالعِرفان: تون ڇو اهڙي جي عبادت ڪري رهيو آهين جيڪو نه ٻڌندو آهي نه ڏسندو آهي.
هڪ طرف ھي نرم لھجو آهي، پيار ڀري گفتگو آهي ۽ دليل به گڏوگڏ ڏنو ويو ته جيڪو نه ٻڌي سگھي، نه ڏسي سگھي، اهو ڀلا خدا ڪيئن ٿي سگھي ٿو؟ ظاهر آهي عبادت ته ان جي ئي ٿيندي آهي جيڪو عبادت ڪرڻ واري کان