Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

وڌيڪ اختيار وارو، وڌيڪ قدرت وارو، ۽ وڌيڪ رتبي وارو هجي. هتي ته ڳالهه ئي عجيب آهي، عبادت ڪرڻ وارو ڏسي به سگھي ٿو، ٻڌي به سگھي ٿو ۽ جنهن جي عبادت ٿي رھي آهي اهو نه ٻڌي سگھي ٿو ۽ نه ئي ڏسي سگھي ٿو ته فرمايائون: چاچا! اهڙي جي عبادت ڇو ڪري رهيو آهين. 

پاڻ دليل به ڏنائون، حڪمت واري ڳالھ به آهي ۽ نرم لھجو به آهي. يعني نيڪيءَ جي دعوت جا سڀ تقاضا پورا آھن. هاڻي چاچي جي طرفان ڪهڙو جواب ملي رهيو آهي؟ چاچي وراڻيو: 

یٰۤاِبْرٰهِیْمُۚ-لَىٕنْ لَّمْ تَنْتَهِ لَاَرْجُمَنَّكَ (پارو: 16، سورة مريم: 46)

ترجموڪنزالعِرفان: اي ابراهيم! بيشڪ جيڪڏھن تون نه مُڙين ته مان توکي پٿر هڻندس

اللّٰهُ! اللّٰهُ! نرم نرم گُلن جي بدلي ۾ ڪيڏو نه سخت تيرُ هليو. پاڻ نرميءَ سان سمجھائي رھيا آھن، چاچو قتل ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي رھيو آهي. 

هتي جيڪڏ اهنسان جهڙو ڪو هجي ها ته دانهون ڪري چوي ها * وڃي ڌُوڙِ پاءِ مان توکي سمجهائي رهيو آهيان ۽ تون ڌمڪي ڏئي رهيو آهين* تون ته آهين ئي بيوقوف * مون کي ڇا آهي، وڃي کَڏَ ۾ پَئه! يا شايد جهيڙو ئي ڪري وٺي. پر حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام ته آهن ئي ابراهيم. جنهن جي معنيٰ آهي: اَبٌ رَحِیْم   (يعني رحمدل پيءُ) پاڻ ڪمال جي حڪمتِ عملي اختيار ڪيائون، فرمايائون: 

سَلٰمٌ عَلَیْكَۚ-سَاَسْتَغْفِرُ لَكَ رَبِّیْؕ- (پارو: 16، سورة مريم: 47)

ترجموڪنزالعِرفان: بس توتي سلام آهي. عنقريب مان تنهنجي لاءِ پنھنجي رب کان معافي گهرندس.

يعني اي چاچا! جيسيتائين اللہ پاڪ مون کي منع نه ٿو فرمائي، تيسيتائين