Book Name:Himmat Wale Rasool
تشريف وٺي ويندا هئا * مختلف قبيلن ۾ وڃي ڪري به نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا ھئا. دعوتِ اسلامي وارا عاشقانِ رسول به ھن پياري ادا کي ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن * گھر گھر ۽ دڪان دڪان وڃي نيڪيءَ جي دعوت پيش ڪئي ويندي آهي * ماڻهن کي مسجد ۾ اچڻ جي دعوت ڏني ويندي آهي * نماز پڙهڻ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي * اسان ان کي علائقائي دورو چوندا آهيون. توھان به عاشقانِ رسول سان گڏجي علائقائي دورو ڪندا ڪريو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * سنتِ انبياء تي عمل ڪرڻ جي سعادت ملندي * نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو * حديث پاڪ جي مطابق نيڪيءَ جي راههَ ڏيکارڻ وارو، نيڪي ڪرڻ واري جيان آهي. ([1]) * جيڪڏھن اسان جي نيڪيءَ جي دعوت سان ھڪ ماڻهو به نيڪ نمازي بڻجي ويو ته يقين ڪريو! ٻيڙا پار ٿي ويندا. ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌو:
صَلُّوْا عَلَى الْحَبِيْبِ! صَلَّى اللّٰهُ عَلَى مُحَمَّد
عاشقانِ رسول جو ھڪ قافلو (گجرات، ھند) پهتو، قافلي وارا علائقائي دورو ڪرڻ جي لاءِ مسجد کان ٻاھر تشريف وٺي ويا، علائقائي دوري جي دوران ھڪ شرابيءَ کي سمجھايو ويو، اَلحَمْدُ لِلّٰهِ! اُھو شرابي قافلي وارن سان گڏ مسجد جي طرف هليو آيو، اسلامي ڀائر ان سان ايتري قدر ته اخلاق سان پيش آيا جو ھُو 6 ڏينھن تائين قافلي وارن سان گڏ رهيو، علائقائي دوري جي برڪت ۽ عاشقانِ رسول جي صحبت جي سبب ان گناهن کان توبهه ڪئي، ڏاڙھي مبارڪ رکرايائين، گڏوگڏ عمامي شريف جو تاج به پنهنجي مٿي تي سجايائين ۽ قافلن جو مسافر به بڻجي ويو.