Book Name:Himmat Wale Rasool
ڪن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين. * شيخِ طريقت، امير اهلسنت هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ارشاد فرمائيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ ”چڱي گفتگو(قسط 1)“ رسالي جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو خود به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏياريو ۽ جيڪي سوشل ميڊيا مثلاً واٽس ايپ وغيره استعمال ڪندا آهن، رضاءِ الٰهي ۽ ثواب جي لاءِ هي رسالو ٻين کي به شيئر (Share) ڪريو! * مڪتبةُ المدينه پيش ڪري رهيو آهي علم و حڪمت جو خزانو، روحانيت جو عظيم تحفو، دين و دنيا کي بهتر بڻائڻ وارين ڳالهين تي مشتمل ڪتاب؛ بنام ”بزرگانِ دين جا 40 اقوال.“ هي ڪتاب مڪتبةُ المدينه جي ڪنهن به شاخ مان 110 روپين ۾ قيمتاً طلب فرمايو.
صَلُّوْا عَلَى الْحَبِيْبِ! صَلَّى اللّٰهُ عَلَى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سنت جي فضيلت ۽ زندگي جا ڪجهه آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري رهيو آهيان. تاجدار رسالت، شهنشاهه نبوت صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِيْ فَقَدْ اَحَبَّنِيْ وَمَنْ اَحَبَّنِيْ كَانَ مَعِيَ فِي الْجَنَّةِ يعني جنهن منهنجي سنت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ مصطفيٰ صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم: اَلسَّلَامُ قَبْلَ الْكَلَامِ يعني سلام ڳالهائڻ کان اڳِ آهي.([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت سلام ڪرڻ سنت آهي.