Himmat Wale Rasool

Book Name:Himmat Wale Rasool

پنھنجي طريقي سان اسان غور ڪريون، جيڪڏهن اسان مان ڪنهن کي رڳو لک يا ٻن لکن جي معمولي دنياوي آڇ ڪئي وڃي ته ڇا اسين ان کي رد ڪنداسين؟ هرگز نه! پر اسان ته خوشيءَ مان کِلي، تڪڙ ۾ اها آڇ قبول ڪري وٺنداسين.

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم کي اللہ پاڪ آڇ ڪئي. فرمايو ويو: اي محبوب صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم! دنيا به قبول ڪريو! آخرت مان به توھان جو حصو گھٽ نه ڪيو ويندو. عرض ڪيائون: اي مالِڪِ ڪَرِيم! مان چاھيان ٿو ته دنيا ۾ ھڪ ڏينھن بکيو رهان ته صبر ڪريان ۽ ھڪ ڏينھن کاوان ته تنهنجو شڪر ادا ڪريان. 

سُبْحٰنَ اللہ! ھي شانِ مصطفيٰ صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم آهي. جيڪڏھن اسان مجموعي طور تي ذھنيت جي ڳالھه ڪريون ته افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اڄڪلهه اسان جي ٽپ ٽاپ واري سوچ بڻجندي پئي وڃي. پيسو، پيسو ۽ پيسو بس اهوئي زندگيءَ جو مقصد بڻجي ويو آهي. ڪاش! اسان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صلی  اللہ  علیہ واٰلہٖ وسلم جي زندگي مبارڪ کي پنهنجو آئيڊيل بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون. 

رَسُولَ جي محبت جو  اثر

ھيءَ ڳالهه ياد رکو! فقر محبتِ رسول جو اثر آهي. ھر شيءِ ۾ اثر هوندو آهي * باهه ساڙيندي آهي، اِها ان جي تاثير آهي * کاڌو کائڻ سان بک ختم ٿي ويندي آهي اهو کاڌي جي تاثير آهي * دوا کائڻ سان مٿي جو سُورُ ختم ٿي ويندو آهي، اِھو دوا جو اثر آهي. اهڙي طرح محبتِ الٰهيءَ جو به ھڪ اثر آهي ۽ محبتِ رسول جو به ھڪ اثر آهي. حضور غوثِ پاڪ شيخ عبدُالقادرِ جيلاني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيْهِ فرمائن ٿا: محبتِ الٰهيءَ  جو   تاثير،  آزمائش آهي (جڏھن ٻانهو