Book Name:Himmat Wale Rasool
لفظ ڏسو! ڪيڏا نه خوبصورت استعمال ڪيا اٿن: خالي ھٿ. ظاهري طرح سندن ھٿ مبارڪ خالي آهن. ظاهري اکين سان ڏسون ته سندن گھر مبارڪ تمام گهڻي ايراضي تي ٺهيل نه آهي، تمام گهڻو سادو آهي * سندن بسترو مبارڪ بادشاھن جهڙو نرم نه آهي * گھر مبارڪ ۾ سامان وغيره به گهڻو نه آهي * سندن لباس مقدس به تمام سادو آهي * ڏينھَن جا ڏينهن گھر ۾ چُلِهه نه ٻرندي آهي. ظاهري طرح سندن ھٿ خالي آھن پر شان اِهو آهي جو جيڪڏهن ھٿ مبارڪ کڻن ته حَسرتون پوريون فرمائي ڇڏين.
جن کو سُوئے آسماں پھیلا کے جَل تَھل بھر دئیے
صدقہ اُن ہاتھوں کا پیارے ہم کو بھی دَرْکار ہے([1])
* بظاهر سندن ھٿ خالي آھن پر شان ڏسو! ٻنهي جھانن جون سموريون نعمتون انھن ھٿن ۾ آھن. حديث پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا اَنَا قَاسِمٌ وَاللّٰهُ يُعْطِيْ بيشڪ مان ورهائيندو آهيان، اللہ پاڪ عطا فرمائيندو آهي. ([2])
ٹھنڈا ٹھنڈا میٹھا میٹھا پیتے ہم ہیں پلاتے یہ ہیں
اُس کی بخشش اِن کا صدقہ دیتا وہ ہے، دلاتے یہ ہیں
رَبّ ہے مُعْطِی، یہ ہیں قاسِم رزق اُس کا ہے، کھلاتے یہ ہیں
اِنَّاۤ اَعْطَیْنٰكَ الْكَوْثَرَ ساری کثرت پاتے یہ ہیں
پيارا اسلامي ڀائرو! هي جيڪو خالي ھٿن وارو لفظ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيْهِ استعمال ڪيو آهي، ان کي ٿورو سمجھو. پياري محبوب صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم ھن کي ڇو اختيار فرمايو؟