Book Name:Himmat Wale Rasool
اللہُ اکبر! ڪيڏو نه صبر آهي، ڪيڏي نه همت آهي، اللہ پاڪ تي ڪيڏو نه عظيم ڀروسو آهي. پوءِ ان جو نتيجو به ڏسو! ڪيڏو نه عظيم رتبو مليو. اُها باهه جنهن جي ويجهو وڃڻ به ممڪن نه ھو، اللہ پاڪ ان باهه کي ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام جي لاءِ گلزار بڻائي ڇڏيو.
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! اِھو آهي صَبر، اِھا آهي همت، اِھا آهي استقامت ...!! نيڪيءَ جي دعوت عام ڪرڻي هجي، دين تي عمل ڪرڻو هجي ته اهڙي ئي همت ۽ اهڙي ئي صبر جي ضرورت هوندي آهي، سچ چوان ته جيڪڏھن اهڙي صبر ۽ همت جو ھڪ ذرو به اسان کي نصيب ٿي وڃي ته دنيا ۽ آخرت ۾ وارا نيارا ٿي وڃن. ڊاڪٽر اقبال ڪيڏي نه پياري ڳالهه چئي آهي:
آج بھی ہو جا ابراہیم سا اِیْماں پیدا آگ کر سکتی ہے اندازِ گلستاں پیدا([1])
نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ موقعا پيدا ڪريو
پيارا اسلامي ڀائرو! ھتي ھڪ ڳالهه سمجھڻ جي آهي. اُھا ھيءَ ته جيڪڏهن نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻي آهي ته ان جو اِھو طريقو نه آهي ته اسان سوچڻ سمجهڻ جي بغير ئي ڳالهائڻ شروع ڪريون. نه نه...!! ان جي لاءِ موقعو تلاش ڪرڻو پوندو آهي، جيڪڏھن موقعو نه ملي رهيو هجي ته موقعو پيدا ڪرڻو پوندو آهي. ڏسو! قوم پنھنجي عيد ملهائڻ جي لاءِ جهنگ جي طرف وڃي رھي ھئي، حضرت ابراهيم عَلَیْهِ السَّلَام پورو موقعو پيدا ڪيو، پاڻ عيد ڪرڻ لاءِ تشريف نه وٺي ويا پر گھر ۾ ئي رهيا، جڏهن سڀ هليا ويا، ته پاڻ بتن کي ٽوڙيائون، پورو ھڪ ماحول بڻايائون، پوءِ جڏھن موقعو بڻجي آيو ته قوم کي سمجهايائون.
معلوم ٿيو ته سمجھائڻ جي لاءِ موقعو پيدا ڪرڻ به ضروري آهي. ٻي صورت