Book Name:Himmat Wale Rasool
ڪاري دل وارا هئا. باقي حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام ته اللہ پاڪ جا نبي آھن، پاڻ انتھائي حڪمتِ عمليءَ سان ماڻھن کي سمجھايائون، پاڻ فرمائن ٿا:
قَالَ رَبِّ اِنِّیْ دَعَوْتُ قَوْمِیْ لَیْلًا وَّ نَهَارًاۙ(۵)(پارو: 29، سورة نوح: 5)
ترجموڪنزالعرفان: اي منهنجا رب! بيشڪ مون پنھنجي قوم کي رات ڏينھن دعوت ڏني.
پوءِ چيائون:
ثُمَّ اِنِّیْ دَعَوْتُهُمْ جِهَارًاۙ(۸)ثُمَّ اِنِّیْۤ اَعْلَنْتُ لَهُمْ وَ اَسْرَرْتُ لَهُمْ اِسْرَارًاۙ(۹)(پارو: 29، سورة نوح: 8-9) ترجموڪنزالعرفان: پوءِ يقيناً مون انھن کي بلند آواز سان دعوت ڏني. پوءِ يقيناً مون انھن کي علي الاعلان به چيو ۽ آھستي مخفي طرح به چيو.
يعني مختلف طريقا اختيار ڪيا، ڪڏھن اعلانيه دعوت ڏنائون، ۽ ڪڏھن اڪيلائيءَ ۾ کين سمجھائيندا رهيا، ھر طرح جي حڪمتِ عمليءَ اختيار فرمايائون، پوءِ به صرف 80 ماڻھن ڪلمو پڙھيو. ([1]) يعني جن کي سمجھايو پيو وڃي اهي ايترا ته ضدي هئا جو ڪنهن به حڪمت عملي کي خاطر ۾ نه آڻي رهيا هئا. ان جي باوجود به پاڻ همت نه ھاريائون، مسلسل نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا رهيا.
ڪاش! اسان کي به همت ۽ استقامت نصيب ٿي وڃي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
مجھے تم ایسی دَو ہمت آقا دوں سب کو نیکی کی دعوت آقا
بنا دو مجھ کو بھی نیک خصلت، نبیّ رَحمت شفیعِ اُمّت
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد