Book Name:Himmat Wale Rasool
نه ٽُٽِي، پاڻ استقامت سان مسلسل نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا رهيا،([1]) ماڻھو انهن جي مٿان ظلم ڪندا هئا، معاذ اللہ! سندن مٿان جسماني تشدد ڪيو ويندو هو، ايسيتائين جو پاڻ عَلَیْهِ السَّلَام بيهوش ٿي ويندا هئا، پر جڏھن کين هوش ايندو هو ته ٻيھر نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ شروع ڪندا هئا. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! هتي غور فرمايو! حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام جي همت ڪيڏي نه اعليٰ هئي؟ سندن حوصلو ڪيڏو نه عظيم هو...؟ * اڄ جيڪڏهن اسان ٻه يا چار دفعا علائقائي دورو ڪريون، ڪو ڳالهه نه ٻڌي ته همت ھاري علائقائي دورو بند ڪري ڇڏيندا آهيون * چار ڏينھن درس ڏيڻ شروع ڪريون جيڪڏهن گهڻا ماڻھو شرڪت نه ڪن ته همت ھاري درس ڏيڻ بند ڪري ڇڏيندا آهيون * قافلو، قافلو ڪندا رهون پر جيڪڏهن ڪو به قافلي ۾ هلڻ لاءِ تيار نه ٿئي ته دعوت ئي ڏيڻ ڇڏي ڏيندا آهيون * گھر وارن کي تمام گهڻو سمجھايو آهي، ڳالهه نه ٿا مڃين، گھر ۾ ديني ماحول نه ٺهي رهيو آهي، اھو چئي اسان نيڪيءَ جي دعوت ڏيڻ ڇڏي ڏيندا آهيون. حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام جي همت مبارڪ ڏسو! ھڪ ٻه ڏينھن نه، ٻه چار سال نه پر 950 سالن تائين مسلسل نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا رهيا ۽ ڏينھن رات ڏيندا رهيا.
اسان جي ڳالهه ماڻهن تي اثر نه ڪري رهي هوندي آهي، ان جو سبب حڪمتِ عملي جي ڪمي هوندو آهي، جيڪڏھن اسان حڪمتِ عمليءَ سان نيڪيءَ جي دعوت ڏيون ته ھڪ ئي آواز تي ڪيترائي ماڻھو گڏ ٿي ويندا آهن، حضرت نوح عَلَیْهِ السَّلَام جن 950 سالن تائين نيڪي جي دعوت ڏني، ماڻهن ان تي ڌيان نه ڏنو، ان جو سبب حڪمت عملي جي کوٽ نه پر اهي ڪافر تمام ضدي ۽