Book Name:Salam Ko Aam Kijiye
رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمايو: توهان جنهن سان ملڻ چاهيو ٿا، مان اهو ئي آهيان. مون رسول الله صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم جي زيارت جو شرف حاصل ڪيو آهي ۽ سندن مبارڪ صحبت به مون کي نصيب ٿي آهي، پر (حقيقت ۾) صحابي ته اهو آهي جيڪو حضور نبي پاڪ صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم سان گڏ جنت ۾ داخل ٿيندو.
ان کان پوءِ حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ پڇيو: توهان ٻئي ڪيئن آيا آهيو؟ عرض ڪيائون: اسان ملڪ شام کان توهان جي ڀاءُ حضرت ابو درداء رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ وٽان آيا آهيون. بس ايترو ٻڌڻ شرط ئي حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فوراً فرمايو: پوءِ مون کي اهو تحفو ڏيو جيڪو انهن منهنجي لاءِ موڪليو آهي...! اهو ٻڌي حضرت اشعث بن قيس ۽ حضرت جرير بن عبدالله رَضِیَ اللهُ عَنْہما حيران ٿي ويا ۽ عرض ڪيائون: عالي جاه! هنن توهان جي لاءِ ڪو به تحفو نه موڪليو آهي. فرمايائون: جيڪو به انهن وٽان ايندو آهي، اُهي منهنجي لاءِ تحفو ضرور موڪليندا آهن، لهٰذا الله پاڪ کان ڊڄو ۽ امانت ادا ڪيو. عرض ڪيائون: حضور! هي اسان جو مال ملڪيت آهي، ان کي توهان جيئن چاهيو استعمال ڪيو پر حضرت ابو درداء رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ توهان جي لاءِ ڪو به تحفو نه موڪليو آهي. فرمايائون: مون کي توهان جي مال جي ڪا به ضرورت نه آهي، مون کي ته بس اهو تحفو گهرجي جيڪو منهنجي ڀاءُ موڪليو آهي. هاڻي ته انهن ٻنهي قسم کڻي ئي ورتو، عرض ڪيائون: الله پاڪ جو قسم! حضرت ابو درداء رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ ڪو به تحفو نه موڪليو آهي. جڏهن اسان اتان روانا ٿياسين ته انهن صرف ايترو فرمايو هو ته عراق ۾ هڪ اهڙا صحابي رسول رهندا آهن، جو جڏهن هو سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم جي خدمت ۾ اڪيلا هوندا هئا ته حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم کي ڪنهن ٻئي جي ضرورت نه پوندي هئي، جڏهن توهان انهن سان ملو ته کين منهنجو سلام چئجو.
حضرت سلمان فارسي رَضِیَ اللہُ تَعَالٰی عَنْہُ فرمايو: اِهو ئي ته اُهو تحفو آهي جنهن جو مان توهان کان مطالبو ڪري رهيو هئس، سلام کان وڌيڪ افضل تحفو ٻيو ڪهڙو ٿيندو؟ سلام برڪت وارو ۽ پاڪيزه آهي. ([1])