Salam Ko Aam Kijiye

Book Name:Salam Ko Aam Kijiye

آهن: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ ان ٿوري ڪم ڪرڻ سان اسان کي 10 نيڪيون عطا ڪيون وينديون، جيڪڏهن ٿوري ڪوشش اڃان وڌيڪ ڪيون، ان سان گڏ وَرَحْمَۃُ اللهِ به شامل ڪيون ته نيڪيون 20 ٿي وينديون، جيڪڏهن بلڪل معمولي ڪوشش اڃان به وڌيڪ ڪيون ۽ ان سان گڏ وَبَرَکَاتُہٗ به شامل ڪيون ته نيڪيون 30 ٿي وينديون. يعني صرف ٿوري توجهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نيڪين ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿي ويندو.

هڪ نيڪيءَ جي اهميت

ٿي سگهي ٿو ته تعداد گهٽ لڳي رهيو هجي يعني صرف 30 نيڪيون...!! هي صرف ناهن. ڳالهه تعداد جي ناهي، ڳالهه اهميت جي آهي. مثلاً 10 روپين وارا 30 نوٽ هجن ته ڪيتري رقم ٿيندي؟ 300 روپيا. جيڪڏهن 5 هزار وارا 30 نوٽ هجن ته ڪيتري رقم ٿي ويندي؟ ڏيڍ لک روپيا. 10 روپين وارا به 30 ئي نوٽ آهن ۽ 5 هزارن وارا به 30 ئي نوٽ آهن پر 10 وارا 30 عدد نوٽ 5 هزار وارن 30 عدد نوٽن جي برابر ناهن يعني اهو نه ڏسو ته صرف 30 نيڪيون آهن، اهو ڏسو ته هڪ نيڪيءَ جي اهميت ڪيتري آهي، ٿي سگهي ٿو اها هڪ نيڪي ڪيئي نيڪن کان وڌيڪ هجي...!!

حديث پاڪ ۾ آهي: ٻانهو قيامت جي ڏينهن نيڪيون ۽ گناهه کڻي ايندو ان جو حساب شروع ٿيندو، نيڪيون گناهن جي ذريعي ڪٽجي وينديون (مثلاً 10 نيڪيون آهن، 10 ئي گناهه آهن، انهن 10 نيڪين جي بدلي 10 گناهه معاف ٿي ويندا، ائين نيڪين جي ذريعي گناهه معاف ٿيندا ويندا) آخرڪار ٻانهي وٽ صرف هڪ نيڪي وڃي بچندي، ان هڪ نيڪيءَ جي صدقي الله پاڪ کيس جنت ۾ داخِل فرمائيندو. ([1])

سُبْحٰنَ الله! اها هڪ نيڪيءَ جي قيمت آهي، معلوم ٿيو ته جيڪڏهن ٻانهي وٽ اخلاص واري مقبول نيڪي صرف هڪ به هجي ته ان جو بدلو جنت


 

 



[1]...معجم کبیر، جلد:6، صفحہ:115، حدیث:12661۔